عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ

عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ: ناليواري قانوندان، سياستدان ۽سماجي اڳواڻ ڀائي ميمڻ'>عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ، 7 فبروري 1900ع تي ڪاٺياواڙ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنھنجي گهر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوان نگر (گجرات، ڀارت) هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1924ع ۾ بهاءُالدين ڪاليج جونا ڳڙھہ مان بي. اي ڪيائين ۽ 1926ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايل.ايل.بي جو امتحان ڏنائين. 1928ع ۾ راج ڪوٽ ميمڻ بورڊنگ هائوس جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، 1937ع ۾ رياست ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ مسلم ليگ جو بنياد رکيائين ۽ مقامي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ هي پاڪستان لڏي آيو ۽ سنڌ جي شھر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي 1948ع ۾ ميمڻ رليف ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ وري صدر چونڊيو ويو. هن ڀارت مان لڏي آيل مسلمانن جي بحالي ۽ آبادڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت پاڪستان سندن خدمتن عيوض وفات کانپوءِ کيس 1987ع ۾ گولڊ ميڊل سان نوازيو. ان کان سواءِ سندس يادگار طور ڪراچي ۾ هل پارڪ ڏانهن ويندڙ رستي کي هن جي نالي سان منسوب ڪندي ‘ڀائي ميمڻ'>عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ’ روڊ نالو ڏنو ويو، جيڪو اڄ بہ سندس نالي سان منسوب آهي. ان کانسواءِ 1971ع ڌاري ڪراچي ۾ عثمان عيسيٰ ميمڻ سوسائٽي بہ جوڙي وئي. هن 13 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.02.07  عيسوي

ناليواري قانوندان، سياستدان ۽سماجي اڳواڻ عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ، 7 فبروري 1900ع تي ڪاٺياواڙ ۾ جنم ورتو.


1957.11.13  عيسوي

عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ 13 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي عزيز ميجر شھيد
پشپا ولڀ
جيلاني سيد شيراز شاھہ
رام لعل
خواجہ محمد سعيد
تاج بانو براهوئي
حاجي محمد عثمان قاضي
زيب النساء
پيرزادو زاهد حسين
جيلاني ولايت شاھہ سيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون