عثمان احساني: نامور ڪلاسيڪل شاعر عثمان احساني، نامور شاعر شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري ۽ مخدوم نوح جو همعصر ٿي گذريو آهي. عثمان احساني 1572ع ڌاري بلوچستان جي شھر ڀاڳناڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. کيس عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ تي دسترس حاصل هئي. هيءُ پنھنجي وقت جو نامور حڪيم هو. تعلقي لکي غلام شاھہ جي ساداتن سان سنگت هئس. جنهن سبب 1640ع ڌاري لڏي اچي لکي غلام شاھہ، ضلعي شڪارپور ۾ ويٺو. ‘تذڪره شعراءَ سکر’ جي ليکڪ موجب عثمان احساني، شاھہ ڪريم کان ٿورو پوءِ ۽ شاھہ لطيف کان اڳ ٿي گذريو آهي.” قاضي قاضن کانپوءِ هي ٽيون وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ‘وطن نامو’ نامڪمل حالت ۾ ملي ٿو. مخدوم پير محمد لکوي سندس همعصر شاعر چيو وڃي ٿو. نامور محقق دين محمد وفائيءَ موجب عثمان احسانيءَ جي ڪلام جو ڪتاب 12 صدي هجريءَ جو لکيل آهي، ۽ ڪنهن ٻئي ڪتاب تان نقل ٿيل آهي. جنهن ۾ موت جو ذڪر نهايت پراثر ۽ درد انگيز نموني ڪيل آهي.” عثمان احسانيءَ جا بيت، ڇهن، ستن سٽن تي ملن ٿا، جن ۾ هن نوان تجربا ڪيا. جڏهن تہ ان کان اڳ جي شاعرن جا بيت ٽن سٽن تي ملن ٿا.
عثمان احساني سنڌ جي پهرئين گهڻ سٽي بيت جو موجد چيو وڃي ٿو. هن 1664ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اُٿي ويھہ م ويلو، اٿي دنيا ڪوئي دم،
سانباھہ جو ساٿيا، فڪر ڪر فهم،
تون وڻجارو آهين، کٽي وجهہ مَ خم،
ستي ڇڏ سعيو ڪري، دل جو ڪر اُدم.