عبيده بن حارث رضي ﷲ عنه اصحابي

عبيده بن حارث رضي ﷲ عنه (اصحابي): حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي نهايت پياري اصحابي عبيده بن حارث رضي ﷲ عنه جي ڪنيت ابو حارث يا ابو معاويه هئي. سندن تعلق قريشي خاندان سان هو. حضرت عبيده، ابو مسلم بن اسد ۽ حضرت عثمان بن مظعون رضي ﷲ عنه هجرت کان اڳ ۾ گڏجي ايمان آندو ۽ مسلمان ٿيا. بعد ۾ پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي حڪم مبارڪ سان ٻين مسلمانن سان گڏجي مڪي شريف کان مديني شريف ڏانهن هجرت ڪيائون. پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم حضرت عبيده کي ڪڙم سميت رهڻ لاءِ مديني شريف ۾ هڪ پلاٽ عطا فرمايو. هجرت جي اٺن مهينن کانپوءِ کيس اسلام جي مجاهدن جو امير ڪري رابغ واديءَ ڏانهن موڪليو ويو، جيئن اتي وڃي قريش جي چرپر جو اندازو لڳائي سگهن. اسلام ۾ هي ٻيو عهدو هو، جيڪو حضرت عبيده رضي ﷲ عنه کي عطا ڪيو ويو هو. رستي ۾ ابو سفيان جي ٻہ سؤ ڇاڙتن سان معمولي جهڙپ ٿي، جنهن کانپوءِ هي موٽي آيو. حضرت عبيده، بدر جي جنگ ۾ بن وليد'>خالد بن وليد جي مقابلي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، سندس هڪ ٽنگ وڍجي وئي. انهيءَ گهاءَ سبب 63 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاھہ صفرا جي مقام ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو