عبدالمجيد نظاماڻي

عبدالمجيد نظاماڻي

عبدالمجيد نظاماڻي

عبدالمجيد نظاماڻي: زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ عبدالمجيد ولد الھداد خان نظاماڻي جو جنم 8 مئي 1935ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻي تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد هن ايل ايل بي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. سنڌ ۾ پاڻي ۽ زراعت جي معاملن جي ماهر طور هن وڏن محاذن تي انگن اکرن سان ڪالا باغ ڊيم کي سنڌ ۽ ملڪ جي زراعت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي ان جي سخت مخالفت ڪئي. 2010ع واري ٻوڏ دوران هن يو ايس ايڊ جي مدد سان سنڌ جي لاڙ ۽ اتر جي هڪ لک ايڪڙ ايراضي تي سورج مکيءَ جو فصل پوکرائي آبادگارن جي مدد ڪئي، ان کان علاوہ سنڌ آبادگار بورڊ جي باني ميمبرن ۾ شامل هو. سنڌ آبادگار بورڊ جو جنرل سيڪريٽري ۽ 2000ع کان 2023ع تائين صدر پڻ رهيو. ڪجهہ عرصو بيمار رهڻ بعد 7 سيپٽمبر 2023ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻيءَ ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.05.08  عيسوي

زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ عبدالمجيد ولد الھداد خان نظاماڻي جو جنم 8 مئي 1935ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻي تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو.


2023.09.07  عيسوي

عبدالمجيد نظاماڻي 7 سيپٽمبر 2023ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻيءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيبي صغرا آپا
ابراهيم دائود گلزار ميمڻ
علم الدين بلو
جيلاني حنا
بھو بيگم عرف صاحب دولت
حُسين بخش عرف مُڪنو خان
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
سمر سجوڙو
ڪيولرام آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون