
سنڌي، عبدالمجيد مري، پروفيسر
عبدالمجيد مري، سنڌي، پروفيسر: تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ، پروفيسر عبدالمجيد مري سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالمجيد ولد محمد خان مري آهي. هن 6 مارچ 1954ع تي ضلعي نوشهري فيروز جي شھر لاکا روڊ ويجهو ڳوٺ باقر خان مريءَ ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي والد جي وفات سبب والدہ ۽ وڏي ڀاءُ عبدالستار جي سنڀال هيٺ رهيو. ابتدائي تعليم ڀر واري اسڪول مان، سيڪنڊري تعليم هوت خان جلباڻي مڊل اسڪول مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪنڊياري مان 1970ع ۾ ڪيائين. سچل ڪاليج نوابشاھہ مان بي. اي ۽ ايم. اي ڪيائين. بي. ايڊ سکر بي. ايڊ ڪاليج مان ڪرڻ کانپوءِ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1972ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو، بعد ۾ ايڇ. ايس. ٽي ٿيو. ان بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ايجوڪيشن جي مضمون ۾ پاس ڪري ليڪچرار ٿيو. هن ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ مان ايس. وي جو ڪورس بہ ڪيو هو، جتي راشد مورائي، مٺل ڪمالاڻي ۽ تاج جويي جي صحبت ۾ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن ڏانهن لاڙو پيدا ٿيس. ان ئي عرصي ۾ سندس ملاقات سائين جي. ايم. سيد سان ٿي ۽ اڄ تائين سندس فڪري ڌارا سان وابستہ آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ درگاھہ جھان پور شريف جي سجادہ نشين صوفي شاعر سيد انور شاھہ جي ڪلام ’انور سائين جي رسالي‘ جي سنوار- سُڌار شامل آهي. هي رسالو 2007ع ۾ ڇپيو. 1999ع ڌاري ڊاڪٽر غلام علي الانا جي پراجيڪٽ تحت ’سنڌي ٻوليءَ جي سکيا‘ ڪتاب لاءِ ’سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ طريقا ۽ حڪمت عمليون‘ عنوان هيٺ مقالو لکيائين، جيڪو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ڇاپيو. پروفيسر عبدالمجيد مري، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تفسير کي ’املا‘ جي صورت ۾ ترتيب ڏيڻ ۽ شاھہ لطيف جي سمورن رسالن ۾ ڪم آيل لفظن جي ’لطيفي لغات‘ تيار ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. هن ملير ڊائجيسٽ ۾ ڪجهہ تنقيدي مضمون لکيا. وٽس سياست، مذهب، سماجيات، فلاسافي، تاريخ، صحافتي مواد ۽ اخبارن ۽ رسالن تي مشتمل ڏهن هزارن کان مٿي ڪتابن تي مشتمل لائبرري موجود آهي. هن 1998ع ۾ فلپائين جي منيلا يونيورسٽيءَ مان ’ڪريڪيولم اينڊ ٽيچر ايجوڪيشن‘ جي عنوان هيٺ ايم. فل جو ڪورس بہ ڪيو آهي، جتي پنھنجي ٿيسز جي آخري پريزنٽيشن ۾ ’جي. ايم. سيد از نيشنل هيرو‘ عنوان هيٺ پراجيڪٽ پيش ڪري سکيا مڪمل ڪيائين. بي. ايڊ ڪاليج سکر ۾ ويھہ سال استادن کي بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جا ڪورس پڙهائڻ کانپوءِ هن وقت ’غلام نبي آگري ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
1954.03.06 عيسوي
تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ، پروفيسر عبدالمجيد مري سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالمجيد ولد محمد خان مري آهي. هن 6 مارچ 1954ع تي ضلعي نوشهري فيروز جي شهر لاکا روڊ ويجهو ڳوٺ باقر خان مريءَ ۾ جنم ورتو.