عبدالله مري مولانا

عبدالله مري، مولانا: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو اڳواڻ مولانا عبدالله مري ولد حاجي قيصر خان مري، 9 رمضان 1318 ھہ مطابق پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ الھہ بخش مري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي والد جي مدرسي ‘مڪتب محمديه’ ۾ مولوي محمد طاهر چني کان ورتي. بعد ۾ نصرپور ۾ مولانا قاضي تاج محمد وٽ تعليم پوري ڪري فارغ التحصيل ٿيو. هن 1922ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ ۾ ‘مدرسہ ڪماليه’ جي نالي سان مدرسي جو بنياد وڌو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد درس تدريس جي عمل سان لاڳاپجي ويو. هن مولانا تاج محمد نصرپوريءَ جي صحبت ۾ اچي خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڳوٺ ۾ خلافت تحريڪ جي آفيس کولي، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪئي. هو سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ سنڌي ماڻهن ۾ انگريز سرڪار خلاف نفرت پيدا ڪري ماڻهن ۾ بيداريءَ جو پرچار ڪندو رهيو. جنهن سبب انگريز دشمنيءَ جي پاداش ۾ جيل جي سزا بہ ڀوڳڻي پيس. پر هو وطن جي آزاديءَ کان نہ ڦريو. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ عملي سياست کان ڪنارہ ڪش رهي ديني خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هيءُ درس سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو بہ ڪم ڪندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘شان مسلم’ (1971ع)، ‘مشڪل ڪشا’ (1974ع)، ‘فقراءِ محمدي’ (حصو پهريون: 1975ع ۽ حصو ٻيو 1977ع)، ‘سھڻا سخن’ (1979ع) وغيرہ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.01.01  عيسوي

نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو اڳواڻ مولانا عبدالله مري ولد حاجي قيصر خان مري، 9 رمضان 1318 هه مطابق پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ الهه بخش مري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد رضا بريلوي
مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
عبدالڪريم ميمڻ مجروح مولوي
مخدوم محمد حسن سيوهاڻي
علي بن موسيٰ ديبلي
علامہ محمد قاسم ڳڙهي ياسيني
دين محمد اديب فيروزشاهي
عبدالرحيم مفتي سڪندري
شاھہ ولي ٺٽوي سيد
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون