عبدالله شرر

عبدالله شرر: مشهور شاعر عبدالله شرر ولد صالح محمد لاسي، 1927ع ڌاري لسٻيلي، ضلعي بلوچستان ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. جنهن سبب ڪا خاص تعليم پرائي نه سگهيو. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. هيءُ جمعيت الشعراءَ سنڌ جي ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ ڪراچيءَ جي نمائندگي ڪئي. هن شروع ۾ ‘عاجز’ تخلص استعمال ڪيو. بعد ۾ ‘شرر’ سان شاعري ڪيائين. هيءُ محمد جمن هالي جي صحبت ۾ رهيو. سندس شاعريءَ جي ڪتاب ‘سوز عشق’ جي طباعت پڻ ڪئي. عبدالله جي شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي. غربت سبب سندس ڪيتري ئي شاعري ضايع ٿي وئي. اصغر هالو هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، “عبدالله شرر خوش مزاج، پر خلوص، يار ويس ۽ جولاني طبيعت وارو شاعر هو.” هن 17 آگسٽ 1967ع تي وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
بيخواب منهنجون آهن ليل و نهار اکيون،
راحت جو ڪيستائين ڪن انتظار اکيون.


لفظ عبدالله شررھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.08.17  عيسوي

مشهور شاعر عبدالله شرر ولد صالح محمد لاسي، 1927ع ڌاري لسٻيلي، ضلعي بلوچستان ۾ پيدا ٿيو.هن 17 آگسٽ 1967ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رکيل شاهه
فقير قربان لنجواڻي آزاد
اسير ملاح
خوشحال خان خٽڪ
مير عبدالله ٺٽوي سبزواري
پٺاڻ محمد علي
باشو 1
الطاف عاصي ڊاڪٽر
دبير مرزا
سيد فتح الدين شاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون