عبدالله شرر

عبدالله شرر: مشھور شاعر عبدالله شرر ولد صالح محمد لاسي، 1927ع ڌاري لسٻيلي، ضلعي بلوچستان ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. جنهن سبب ڪا خاص تعليم پرائي نہ سگهيو. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. هيءُ جمعيت الشعراءَ سنڌ جي ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ ڪراچيءَ جي نمائندگي ڪئي. هن شروع ۾ ‘عاجز’ تخلص استعمال ڪيو. بعد ۾ ‘شرر’ سان شاعري ڪيائين. هيءُ محمد جمن هالي جي صحبت ۾ رهيو. سندس شاعريءَ جي ڪتاب ‘سوز عشق’ جي طباعت پڻ ڪئي. عبدالله جي شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي. غربت سبب سندس ڪيتري ئي شاعري ضايع ٿي وئي. اصغر هالو هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، “عبدالله شرر خوش مزاج، پر خلوص، يار ويس ۽ جولاني طبيعت وارو شاعر هو.” هن 17 آگسٽ 1967ع تي وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
بيخواب منهنجون آهن ليل و نهار اکيون،
راحت جو ڪيستائين ڪن انتظار اکيون.


لفظ عبدالله شررھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.08.17  عيسوي

مشهور شاعر عبدالله شرر ولد صالح محمد لاسي، 1927ع ڌاري لسٻيلي، ضلعي بلوچستان ۾ پيدا ٿيو.هن 17 آگسٽ 1967ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاھہ صوفي
عظيم الدين عظيم ٺٽوي
سلطان بخاري
پندار
ڀيرجي ٺڪَر
حاجي غلام نبي مهيسر
سيد فضل شاھہ فضل
شاھہ حسين ماڌو لال
ضياء خياروي
حافظ محمد عبدالله ٽکڙائي بسمل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون