عبدالله بن عمر رضہ

عبدالله بن عمر رضہ: حضرت عبدالله بن عمر فاروق رضہ جو تعلق مڪي جي قريش خاندان جي هڪ معزز گهراڻي سان آهي. هي حضور نبي ڪريم صہ جن جو مشھور اصحابي ۽ حديث شريف جو جڳ مشھور راوي آهي، جنهن کان 2630 حديثون روايت ٿيل آهن. ان سان گڏ هو مفتي اصحابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن سٺ سالن تائين فتوائون ڏنيون. جڏهن مسلمان جذبات ۾ اچي ڪجهہ غلط فهمين سبب خانہ جنگيءَ ۾ وچڙي پيا تہ ان وقت حضرت بن عمر رضہ'>عبدالله بن عمر رضہ انهيءَ ماحول کان پاسيرو رهيو. پاڻ اسلامي تعليمات تي باقاعدگيءَ سان عمل پيرا رهيو. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان جي فطري ذهانت، تقوى جي ڪمال، بردباري ۽ انڪساري، اعتدال ۽ قناعت پسندي جا روشن مثال موجود آهن. حديث جي راويءَ جي حيثيت ۾ حد درجي تائين محتاط هو. روايت ۾ آهي تہ پنھنجي طرفان نہ تہ ڪمي ڪندو هو ۽ نہ ڪو وڌاءُ. کيس ڪيترا ئي ڀيرا خلافت جي آڇ بہ ٿي، پر قبول نہ ڪيائين. ابن عمر رضہ جي زندگيءَ جا حالات ڪتابن ۾ گهڻا ملن ٿا. هن هجرت کان تقريباً ڏھہ سال اڳ ۾ پنھنجي والد سان گڏ اسلام قبول ڪيو. مسلمانن جي مڪي مان هجرت ڪرڻ جي وقت پنھنجي والد کان ڪجهہ وقت اڳ ۾ هجرت ڪيائين. بدر ۽ احد جي جنگين ۾ ننڍي عمر سبب پاڻ ڪريمن صہ جن هن کي روڪي ڇڏيو. خندق واري جنگ وقت جڏهن پندرهن سال جو ٿيو تہ کيس جهاد جي اجازت ملي. موته جي سخت مھم ۽ مڪي جي فتح وقت مسلم لشڪر ۾ هيءُ بہ شامل هو ۽ نبوت جي ڪوڙن دعويدارن خلاف جهاد ۾ حصو ورتائين. مصر جي مهم، نهاوند جي جنگ، جرجان ۽ طبرستان ۽ يزيد واري قسطنطيه جي مهمن ۾ بہ شامل رهيو. سياسي معاملات ۾ پهريون ڀيرو ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن حضرت عمر رضہ (سندس والد) پنھنجي وفات کان اڳ ۾ کيس مجلس شورى جو مشير مقرر ڪيو، جن جو ڪم پنهنجن ميمبرن مان خليفو چونڊڻ هو. ليڪن ووٽ ڏيڻ جو حق صرف ان صورت ۾ هو جڏهن ٻيا ميمبر ٻن حصن ۾ برابر ورهائجي وڃن. هن کي سندس والد جي وصيت ٿيل هئي تہ هو ڪڏهن بہ خلافت لاءِ چونڊ ۾ حصو نہ وٺندو نہ ئي هو پنھنجي چونڊجڻ لاءِ پنهنجو ووٽ استعمال ڪندو. هن ٻين خليفن جي چونڊ ۾ هميشہ مسلمانن جي اڪثريت جو ساٿ ڏنو، پر يزيد کي ولي عھد قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيائين. حضرت بن عمر رضہ'>عبدالله بن عمر رضہ سڄي زندگي عملي ۽ مذهبي ڪمن ۾ مصروف رهيو. روايت آهي تہ ان قاضيءَ جو عهدو فقط ان لاءِ ٺڪرائي ڇڏيو جو متان ڪٿي شريعت جي حڪمن جي تعميل ۾ کائنس ڪا غلطي نہ ٿي وڃي.
عبدالله بن عمر رضہ اسي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. حج جي موقعي تي جڏهن حاجين جو هجوم عرفات کان موٽيو ٿي تہ حجاج جي هڪ سپاهيءَ هن جي پير تي ڀالو هڻي پير چيري وڌو. جڏهن حجاج هن کان طبيعت پڇڻ آيو ۽ هن کان پڇائين تہ ڇا تون ان سپاهي کي سڃاڻيندين، جيئن ان کي سزا ڏيئي سگهان. تہ پاڻ حجاج کي ننديندي چيائين تہ تو مقدس جاين تي سپاهين کي هٿيار کڻي هلڻ جي اجازت ڇو ڏني؟ ابن عمر کي حديث ۾ سند طور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري جو هو پاڻ ڪريم صہ جن جي مجلسن ۾ ويهندڙ هو.


لفظ عبدالله بن عمر رضہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو