عبدالله بن عمرو بن العاص رضي ﷲ عنه

عبدالله بن عمرو بن العاص رضي ﷲ عنه : سندس نالو عبدالله، ڪنيت ابو محمد ۽ ابو عبدالرحمان ۽ سندس والد جو نالو عمرو بن العاص آهي. حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو هي اصحابي پنھنجي والد کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو ۽ پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم سان گڏ مڪي کان مديني شريف هجرت ڪيائين. پاڻ لکي پڙهي ڄاڻندو هو، تنهنڪري نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کان جيڪي ڪجهہ ٻڌندو هو سو لکي وٺندو هو. ان ڪري تمام گهڻيون حديثون هن اصحابيءَ وٽان روايت ٿيل مليون. زهد ۽ تقوى جي خيال کان اهل عيال کان ڌار هر وقت عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي دور جي سمورين جنگين ۾ شريڪ ٿيو. يرموڪ جي جنگ ۾ کلي حصو ورتائين. صفين جي جنگ ۾ پنھنجي پيءُ جي ڪري امير معاويه رضي ﷲ عنه جي حمايت ڪيائين. حضرت بن عمرو بن العاص رضي ﷲ عنه'>عبدالله بن عمرو بن العاص رضي ﷲ عنه تمام وڏو عالم بہ هو. حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي حديثن جو پهريون مجموعو بہ هن لکيو ۽ جنهن جو نالو ‘صادقہ’ رکيائين. هن کان 700 حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان سترهن حديثن تي امام بخاري رحمتہ اللہ علیہ ۽ حضرت امام مسلم رحمتہ اللہ علیہ ٻئي متفق آهن. هن کي پنھنجي والد کان ورثي ۾ ڏھہ لک درهم جي ماليت واري جاگير سميت ڪيتري ئي ملڪيت ملي. هن سن 65ھہ (685ع) ۾ فسطاط جي هنڌ تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالله بن عمرو بن العاص رضي ﷲ عنهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو