عبدالله بن ارقم رضي ﷲ عنه : حضرت عبدالله بن ارقم رضه جي پيءُ ارقم جي پڦي حضرت بيبي آمنہ رضي ﷲ عنها پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليھ وسلم جن جي والدہ ماجده هئي. حضرت عبدالله رضي ﷲ عنه مڪي جي فتح واري موقعي تي مسلمان ٿيو. هو هڪ لکيل پڙهيل ۽ قابل شخص هو، ان ڪري پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن مراسلن ۽ ٻيو ڪتابت جو سمورو ڪم هن جي حوالي ڪري ڇڏيو. سڀني اميرن سان ڳجهي خط و ڪتابت بہ ان جي ذريعي ٿيندي هئي. حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنه ۽ حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جي خلافت جي زماني ۾ بہ اها خدمت حضرت بن ارقم رضي ﷲ عنه'>عبدالله بن ارقم رضي ﷲ عنه سرانجام ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ بيت المال جي نگراني بہ سندس حوالي هئي. حضرت عثمان رضہ جي خلافت واري دور ۾ هن استعيفا ڏئي ڇڏي، ان جو سبب هي هو تہ پاڻ نظر کان محروم ٿي چڪو هو. سن 35 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين، حضرت عبدالله رضي ﷲ عنه کان ڪيتريون ئي حديثون روايت ٿيل آهن.