عبدالله، مخدوم نرئي وارو: ڪلهوڙن جي دور جو عالم ۽ بزرگ هو. عبدالله نالي هن دؤر ۾ ٻيا بہ عالم ٿي گذريا آهن، پر هن عالم بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنھنجي تحقيق ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي. مخدوم عبدالله اصل ڪڇ جو هو. ٺٽي مان تعليم پرايائين. پاڻ سٺو شاعر ۽ مذهبي عالم هو. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾: ‘ڪنزالعبرت’، ‘بدرالمنير’، ‘عزوات’، ‘نورالبصار’، ‘هفت بھشت’، ‘قمرالمنير’، ‘سنڱ نامون’، ‘تفسير يوسف’، ‘شجاعت سيد الانام’، ‘خزانہ اعظم’، ‘قصو سيدنا امير عمر جي اسلام آڻڻ جو’، ‘خلفاءِ راشدين’ ۽ ‘شهادت امام حسينعه’ شامل آهن. سندس سڀني کان اهم تصنيف ‘خزانہ اعظم’ آهي، جيڪا اٺن جلدن تي ٻڌل آهي. سندس ڪتابن ۾ نثر جو ڀاڱو تمام گهڻو آهي. جيتوڻيڪ ڪجهہ لکندڙن هن کي سٺو شاعر سڏيو آهي، پر حقيقت ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ عالمن سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ، شروع ڪيا تہ انهن کي ‘سنڌيون’ سڏيو ويو. يعني تہ انهن نثر بجاءِ سادي شعر (الف اشباع) وسيلي ان عنوان تي قلم کنيو، ۽ ڪتاب تيار ڪرڻ شروع ڪيا. هن جا سڀ ڪتاب اسلامي تبليغ جا سرچشما آهن، جيڪي رب پاڪ جي وحدانيت، نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي ثنا ۽ قرآن سنت بابت تفصيلي ڄاڻ ڏين ٿا.
مخدوم صاحب جي جاءِ پيدائش، ڄم ۽ وفات جي تاريخ بابت ڪي مونجهارا آهن. هڪ راءِ آهي تہ هو بدين جي مانڌر علائقي ۾ ڄائو، ۽ پوءِ تعليم لاءِ مخدوم محمد هاشم وٽ ٺٽي آيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ ڪڇ جي رياست ڏي هليو ويو، جتي عام ماڻهن جي ديني ۽ روحاني تربيت ڪيائين. اندازو آهي تہ مخدوم عبدالله ڪڇ ۾ 1820ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار ۽ مقبرو ڪڇ جي ڳوٺ ‘سري’ ۾ آهي. ڪجهہ لکندڙن ڳوٺ جو نالو ‘سڙيون’ لکيو آهي. نريو يا نرئو بہ ڪڇ ملڪ ۾ آهي، ان ڪري هن بزرگ کي نرئي وارو بزرگ سڏيو ويو. رچرڊ برٽن پهريون مصنف آهي، جنهن هن معتبر عالم جي باري ۾ ڄاڻ ڏني. (سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون، سنڌي، ص 78). ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ‘خزانہ اعظم’ نالي مخدوم صاحب جو ڪتاب سوڌي سنواري 1994ع ۾ شايع ڪيو