
عبداللطيف لغاري
عبداللطيف لغاري (سُگهڙ): عبداللطيف ولد شھمير خان لغاري بلوچ 1956ع ۾ ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. هن پرائمري ۾ پنج درجا سنڌي ۽ ان سان گڏ ديني تعليم بہ پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اباڻي ڪِرت هارپو ۽ مزدوري ڪيائين. ڳجهارت، ڏهس ۽ سينگار جي وڏن سُگهڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. ميلن، ملاکڙن، مچ ڪچهرين، شادين ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. هيءُ سنڌي ٽي. وي چينلز، پي. ٽي. وي ۽ ريڊيو تي بہ پروگرام ڪري چڪو آهي. عبداللطيف لغاري سنڌ جي مشھور سگهڙن عزيز ﷲ خان لغاري مرحوم، حاجي مينهون خان لغاري مرحوم ۽ چاندي فقير چانڊيو مرحوم کي پنهنجو استاد مڃي ٿو. هي هن وقت ڳوٺ سرينواري، تعلقہ سانگهڙ ۾ رهائش پذير آهي.