عبداللطيف ‘قيصر’: مغل دور جي سنڌي ۽ فارسيءَ جي شاعر عبداللطيف قيصر جو شمار پنھنجي دور جي اهم ترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس تعلق بدين شھر سان هو، جتي پاڻ درس ۽ تدريس جي ڪم سان وابستہ هو. کيس سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولين تي چڱي دسترس هئي. سندس عزيزن ۽ دوستن جي حلقي ۾ ڪيترائي اعليٰ پايي جا شاعر هئا. انهيءَ دور ۾ فارسي شاعريءَ جو چرچو هو. اهڙي ماحول کان متاثر ٿي هن سنڌيءَ سان گڏ فارسي شاعري ڪئي. اورنگزيب عالمگير 1658ع ۾ تخت تي ويٺو. تڏهن کان ‘قيصر’ هر ڇهين مهيني پن جو مصلو ٺاهي، دهليءَ ۾ اورنگزيب جي خدمت ۾ پيش ڪندو هو. جنهن سبب کيس چڱو معاوضو ملندو هو. 1668ع ۾ اورنگزيب عالمگير جو ڏھہ ساله جشن ملهايو ويو. ان موقعي تي هن پن جي مصلي پيش ڪرڻ وقت اورنگزيب جي شان ۾ هڪ شعر پڻ چيو، جنهن ۾ سندس ساراھہ سان گڏ، ‘قيصر’ پنھنجي عالمانه دور انديشيءَ ۽ سياسي بصيرت جي بنياد تي پيشنگوئي پڻ ڪئي هئي. اهو فارسيءَ شعر هيئن هو تہ:
سلطنت ختم است برتو، چون نبوت بر نبي
بادشاهي برتو زيبا، چون خدائي برخدا.
سندس شعر ۾ اورنگزيب تي مغل بادشاهي ختم ٿيڻ جو واضح اشارو ڏنل هو. اڳتي هلي ڏٺو ويو تہ اورنگزيب کانپوءِ سنڌ تان مغلن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ڪلهوڙن جو راڄ قائم ٿيو. قيصر جي شعر ٻڌائڻ وقت سمورا درٻاري ڏڪي ويا ۽ اورنگزيب پاڻ بہ ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو. سڀني سمجهيو تہ اڄ ‘قيصر’ تي ضرور عذاب نازل ٿيندو. اورنگزيب سخت شريعت پسند ۽ شعر و شاعريءَ کان پري رهندو هو. پر هن قيصر کي اڳتي لاءِ دهلي اچڻ جي تڪليف ڪرڻ کان روڪيندي ٺٽي مان روزاني ٻہ روپيا معاوضو وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ‘قيصر’ بدين موٽي اچي سڄي حياتي ٺٽي سرڪار وٽان وظيفو حاصل ڪندو رهيو. اورنگزيب جي شان ۾ چيل سندن اهو شعر ‘دھہ ساله عالمگير’ ۾ ملي ٿو. ‘دھہ ساله عالمگير’ جو مولف بختاور خان بہ ‘قيصر’ جو دوست هو. جنهن انهي شعر کان سواءِ ‘قيصر’ جو بيان پڻ انهي ڪتاب ۾ شامل ڪيو. بختاور خان ‘دھہ ساله عالمگير’ ۾ ڄاڻايو آهي تہ ‘قيصر’ صاحب ديوان هو. ‘قيصر’ بختاور خان جي شان ۾ بہ شعر چيا هئا، جيڪي بہ ‘دھہ ساله عالمگير’ ۾ شامل آهن. ‘قيصر’ جو سنڌيءَ ۾ فقط هڪ بيت ملي ٿو، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گنج ۾ پڻ شامل آهي، جيڪو هن پنھنجي دوست ملان عبدالحڪيم ‘عطائي’ جي قلات ۽ ڪابل جي سفر تي وڃڻ وقت چيو هو. اهو شعر هن ريت آهي:
اتران ٿي آيو، تنهن ڪڪر لاٿم ڪس،
وٺو مينهن وڏڦڙو، ڪيو جوڌاڻي جس،
‘قيصر’ چئي قلات ۾، رات تنهن کي رس،
نيڻ ٽمندا پس، وس تہ ورن سپرين.
نامور محقق محمد سومار شيخ لکيو آهي ته، ‘قيصر’ شاھہ لطيف جي جنم کان 16 يا 17 سال اڳ وفات ڪئي. شاھہ جي گنج مان ‘قيصر’ جو شعر ملڻ مان اندازو ٿئي ٿو تہ شاھہ سائين سندس شاعريءَ مان متاثر هو.