
چنا، عبدالقيوم
عبدالقيوم چنا: عبدالقيوم چنا ولد خليفو محمد قاسم چنا، 11 نومبر 1910ع ۾ پاٽ شريف لڳ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندن ڏاڏو خليفو صديق محمد چنا، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو خليفو هو ۽ پنھنجي ٽئين حج سفر دوران 1850ع روزميري جھاز جي ٻڏڻ جي ڪري، حج جي واپسيءَ دوران يمن جي بندرگاھہ حديده ڀرسان حادثي ۾ شھيد ٿي ويو. سندس هٿ سان لکيل قرآن شريف اڄ بہ سندس خاندان وٽ موجود آهي. عبدالقيوم چنا جي ڄمڻ کان ٿورو وقت پوءِ سندس والد ۽ بعد ۾ سندس والدہ گذاري وئي. پوءِ کيس سندس وڏي ڀاءُ سعدالله ۽ ڀيڻ سليمت خاتون کي سندس مامي پوسٽ ماسٽر عبدالحفيظ چنا پاليو، پوءِ هي جون 1921ع ۾ ٽنڊي باگي لارنس مدرسي ۾، جيڪو مير غلام محمد ٽالپر کوليو هو، اسڪول جو پهريون فري بورڊر هو. ساڻس گڏ محمد حسين ترڪ اسڪول جو اوائلي شاگرد هو. محمد صديق مسافر، عبدالرسول قاضي، ايڇ.ايم خواجہ ۽ مدرسي جو باني مير غلام محمد ٽالپر کيس ڀائيندا هئا. هن سنڌ مدرسي مان 1928ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، جيڪو بمبئي يونيورسٽيءَ سان ملحق هو. هو انگريز دؤر کان ئي مختيارڪار ٿي رهيو ۽ ڪنڊياري، شڪارپور، سيوهڻ، ننگرپارڪر، سکر، ڏيپلي ۽ ڇاڇري ۾ مختيارڪار ۽ بٺوري ۾ 1952ع ۾ ريڊنٽ مئجسٽريٽ ٿي رهيو. هن 1956ع ۾ موهن لال پاڪستانيءَ جي مدد ۽ ڪليڪٽر انور عادل جي تعاون سان ننگرپارڪر ۾ پهريون بوائز مڊل اسڪول کولايو. 1961ع ۾ وري ڳڙهي خيري جمالي ۾ گرلز اسڪول، ڪلب ۽ ماڊل اسڪول کولارايائين، جنهن ڪم ۾ مستري محمد حسن چيئرمئن نوٽيفائيڊ ڪميٽي، ماستر رسول بخش گوپانگ، ماستر علي محمد سومري، سيد فقير شاھہ ۽ خان بھادر جعفر خان بليديءَ سندس وڏو ساٿ ڏنو، اهو اسڪول اڄ بہ سندس نالي تي اي.سي (عبدالقيوم) ماڊل هاءِ اسڪول موجود آهي. سندس شادي پاٽ جي معزز استاد خان محمد چنا ۽ جيجي عائشيت خاتون جي نياڻي امرالنساءَ سان ٿي، جنهن مان کيس ڇھن پٽن ۽ چئن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. سندس فرزندن مشتاق چنا ۽ نذير چنا سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. مشتاق چنا فلائيٽ پرسر ٿيو، جيڪو پهريون سنڌي پرسر هو. 1974ع ۾ سندس ڪراچيءَ ۾ شهادت ٿي. عبدالقيوم چنا جو فرزند نذير چنا ادبي ميدان ۾ صوفي تحريڪ ۽ منصور حلاجي تحريڪ کي نروار ڪيو آهي. سندس وڏو فرزند حاجي رشيد احمد چنا مختيارڪار ٿي ريٽائرڊ ٿيو ۽ هڪ پٽ مختيار چنا پي.آءِ. اي ۾ فلائٽ پرسر ٿي رٽائر ٿيو. رئيس غلام مصطفى ڀرگڙي، مير خان ٽالپر'>بندہ علي خان ٽالپر، سيد غلام حيدر شاھہ، پير علي محمد راشدي، اي.ڪي بروهي، حبيب ﷲ ميمڻ، قاضي اسماعيل، محمد اسماعيل نون سندس گهرا دوست هئا، هو ايماندار مئجسٽريٽ ٿي رهيو. صوفي ۽ ادب دوست هو. هن 20 مارچ 1967ع تي بلڊ ڪينسر جي بيماريءَ ۾، ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي ۾ ئي دفن ٿيو.
1910.11.11 عيسوي
عبدالقيوم چنا ولد خليفو محمد قاسم چنا، 11 نومبر 1910ع ۾ پاٽ شريف لڳ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ پيدا ٿيو.
1967.03.20 عيسوي
عبدالقيوم چنا 20 مارچ 1967ع تي بلڊ ڪينسر جي بيماريءَ ۾، ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي ۾ ئي دفن ٿيو.