عبدالقيوم ميراڻي پروفيسر ڊاڪٽر

عبدالقيوم ميراڻي، پروفيسر، ڊاڪٽر: مشھور عالم پروفيسر ڊاڪٽر مولانا عبدالقيوم ولد عبدالغفور ميراڻيءَ جو تعلق ڳوٺ مير واحد بخش بجاراڻي، تعلقي ڪنڌڪوٽ سان آهي. ابتدائي تعليم مدرسي دارا الفيوض ڪنڌڪوٽ مان، درس نظامي، دوره حديث ۽ مفتيءَ جو ڪورس معتمد العلوم اسلاميہ بنوري ٽائون ڪراچيءَ مان پڙهي فارغ التحصيل ٿيو، جنهن بعد هن مديني منوره جي جامع اسلاميہ ۾ داخلا ورتي. جتان شعبه قرات ۾ ڊگري ورتي ۽ جامعہ ام القدي يونيورسٽي مڪي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي جي نگراني ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. عبدالقيوم ميراڻي پنهنجون ديني خدمتون مڪي شريف ۾ ڏئي سنڌ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. هيءَ ترقي ماڻي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. جنهن عهدي تي اڃا پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو