
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو
عبدالقادر عرف قادري کيڙو، ڊاڪٽر: سنڌ ۾ ڏندن جي ناليواري ڊاڪٽر ۽ والي بال جي مشھور رانديگر پروفيسر عبدالقادر کيڙي، 26 اپريل 1945ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. جڏهن تہ سندس اصل ڳوٺ ملڪ، ضلعو نوشهرو فيروز ۾ اٿس. سندس والد 1951ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ ملڪ ڳوٺ مان لڏي دادو شھر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن سنڌي تعليم دادو شھر جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول مان ڪئي. محنت ۽ ذهني قابليت سان ڏندن واري شعبي ۾ بي. ڊي. ايس ڪيائين. برطانيا مان ايم. ايس. سي ۽ ايف. ڊي. ايس جون ڊگريون 1970ع ۾ حاصل ڪيائين. 2001ع تائين لياقت ميڊيڪل اسپتال يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي رهيو ۽ 23 سال اتي شاگردن کي پڙهايائين. جنهن بعد اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ڏندن جي شعبي ۾ انچارج پروفيسر ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ڊاڪٽر عبدالقادر ڏندن جي شعبي ۾ پاڪستان جو ٻيو نمبر ۽ سنڌ جو پهريون سرجن هو. هن ويهن کان مٿي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو. کيس حيدرآباد ۾ صدر جي علائقي ۾ ڏندن جي اسپتال هئي.ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو والي بال راند جي مشھور رانديگرن مان هڪ هو. هن راند جي شروعات 1962ع ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. ابتدا ۾ ناز ڪلب ۾ کيڏندو هو. قدآور هجڻ ۽ تيز اسٽروڪ سبب پهرين صف جي رانديگرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1963ع ۾ قربان ڪلب طرفان ڪرايل آل پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ وچ نيٽ تي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيائين. بعد ۾ شاهين ڪلب جو ميمبر ٿيو. ڪجهہ سال شاهين ڪلب سان کيڏڻ بعد 1968ع ۾ قربان ڪلب جو ميمبر ٿيو. سندس راند جو انداز ٻين رانديگرن جي ڀيٽ ۾منفرد رهيو آهي، اڪثر ڪري ساڄي پاسي کيڏڻ ۽ ضرورت وقت وچ نيٽ تي کيڏڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي. واليون ۽ ٻہ هٿڙيون هڻڻ ۽ پوئتي ويندڙ بال کي پنھنجي فيلڊ کان ڀڙڪو ڏئي جمپ هڻي زوردار ڌڪ هڻڻ سندن خاص خوبي رهي. راند جي دنيا ۾ کيس اصل نالي بدران قادري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت وڏي عمر ۽ نوڪري جي مصروفيات سبب راند تہ ڪو نہ ٿو ڪري پر راند جي ترقيءَ لاءِ خدمت ڪندو رهيو. ڊاڪٽر کيڙو آخري وقت ۾ بيماريءَ سبب سينگاپور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، جتي 6 سيپٽمبر 2017ع تي وفات ڪيائين.
1945.04.26 عيسوي
پروفيسر عبدالقادر کيڙي، 26 اپريل 1945ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
2017.09.06 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو آخري وقت ۾ بيماريءَ سبب سينگاپور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، جتي 6 سيپٽمبر 2017ع تي وفات ڪيائين.