
ڊاڪٽرعبدالقادر انصاري
عبدالقادر انصاري، ڊاڪٽر: نامور سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ جو جنم 4 جنوري 1938ع تي ٿيو. 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ ۽ 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ئي ايم. ايس. سي (حيوانيات) جي ڊگري گولڊ ميڊل سان گڏ حاصل ڪئي. 1969ع ڌاري سائوٿ ايمپٽن يونيورسٽي، انگلستان مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي حيوانيات واري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1973ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو. 1976ع ۾ سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام جو پرووائيس چانسلر مقرر ٿيو ۽ 1977ع ڌاري ڪاليج کي سنڌ زرعي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو تہ ان جو پهريون وائس چانسلر مقرر ٿيو ۽ 1990ع تائين ان منصب تي فائز رهيو. هن وقت پي. سي. ايس. آءِ. آر جو سربراھہ هئڻ سان گڏ سائنس فائونڊيشن'>پاڪستان سائنس فائونڊيشن، نيشنل سائنس ڪاؤنسل، نيشنل فارم گائيڊ ڪاؤنسل، ڪئميڪل سوسائٽي آف پاڪستان، زرعي تحقيقي ڪائونسل ۽ ٻين سائنسي ادارن جو ميمبر ھئڻ سان گڏ قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد جي سنڊيڪيٽ ۽ سينيٽ جو رڪن ۽ اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد جي ٽرسٽ بورڊ جو پڻ ميمبر رھيو. آل پاڪستان وائس چانسلر ڪميٽيءَ جو چيئرمئن، مهين جي دڙي جي حفاظتي اداري جو ميمبر پڻ رھيو. هن ڪيترن ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پنهنجا علمي ۽ تحقيقي مقالا پيش ڪيا. زراعت، جراثيميات ۽ غذائي فصلن تي سندس قابل قدر مقالا بين الاقوامي سائنسي مخزنن ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، 12 مئي 2026ع تي وفات ڪري ويو
1938.01.04 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ جو جنم 4 جنوري 1938ع تي ٿيو.
2026.05.12 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، 12 مئي 2026ع تي وفات ڪري ويو