عبدالغني قمبراڻي

عبدالغني قمبراڻي: اسٽيج ۽ ٽي. ويءَ جي اداڪار عبدالغني ولد ڌڻي بخش قمبراڻي، 12 آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ فاروق آباد، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم انٽر آهي. کيس شاگرديءَ واري وقت کان ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو. پنھنجي شوق جي پورائي لاءِ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس اسٽيج ڊرامن ۾ وڏيرو، پلاند، قيدياڻي، سنگدل، ماحول، ظالم ، توکان ٿيندي ڌار، حساب، يزيد، انتقام، انقلاب، قهر، ڏهڪاءُ ۽ سچ وڏو ڏوهاري آ ڊراما تمام گهڻا مقبول ٿيا. جن ۾ سندس اهم ڪردار آهي. هن دادو ضلعي جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا. ڪي. ٽي. اين سميت ٻين سنڌي چئلن تي پڻ مختلف ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. کيس پنھنجي فن ۾ مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي ۽ ثقافتي سرگرمين توڙي ڊرامن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.08.12  عيسوي

اسٽيج ۽ ٽي. ويءَ جي اداڪار عبدالغني ولد ڌڻي بخش قمبراڻي، 12 آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ فاروق آباد، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت ٽيئون رام
پيرزادو شريف الدين
ابڙو نجم الدين
شاھہ پور اعظم
علي ڏنو جروار
دلبر چانڊيو
ڀليڏنو ڀنڀرو
ترخان مرزا جاني بيگ
پاويل جوڻيجو
ابرار قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون