عبدالغفور شاھہ تقوي، سيد: شاعر، نثر نويس ۽ لطيف جي پارکو سيد عبدالغفور شاھہ تقويءَ جي والد جو نالو سيد پير ڏنو شاھہ آهي. پاڻ ادبي حلقي ۾ سيد غفور شاھہ تقويءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن شاگرديءَ واري دور ۾ ٻاراڻي ادب جي ڪتابن پڙهڻ کان پنھنجي ادبي سفر جي شروعات ڪئي. 1973ع کان لکندو اچي ٿو. سنڌيءَ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري، ادبي ۽ تحقيقي مضمون ۽ سماجي مسئلن تي ڪالم ڇپجندا رهيا آهن. شاھہ جي ڪلام جو وسيع مطالعو اٿس. جنهن ڪري سندس خاص سڃاڻپ لطيف جي پارکوءَ واري آهي. هن شاعريءَ ۾ غزل، گيت، نظم، وائي، ڪافي، منقبت، نعت، چوسٽا ۽ بيت جي صنفن تي لکيو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘اڇا اولا عاج جا’ ڇپيل اٿس. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.