عبدالغفار صابري: مولانا عبدالغفار صابري ولد رئيس عطا محمد خان مهيسر ‘عطا’ تاريخ 4 جنوري 1930ع تي ڳوٺ پير محمد شاھہ'>سيد پير محمد شاھہ تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. هن سنڌ مدرسہ الاسلام ۾ ديني تعليم ۽ ٻہ درجا انگريزي پڙهي ۽ پوءِ مدرسہ مظهرالعلوم کڏي ڪراچيءَ مان فاضل درس نظاميءَ جو ڪورس مڪمل ڪيو. کيس عربيءَ سان گڏ فارسي زبان تي ڪافي دسترس هئي. هن عالم هئڻ سان گڏ پنھنجي زندگيءَ جو آغاز صحافت سان ڪيو. اخبار ‘شمشير الاسلام’ ڪڍيائين. ان کان پوءِ اخبار ‘فيض’ جو ڊڪليئريشن وٺي ميهڙ مان اها اخبار جاري ڪيائين، جنهن سان آخر دم تائين منسلڪ رهيو. پاڻ بيباڪ قلمڪار هو. سچ لکڻ ۽ سچ چوڻ کان ڪڏهن بہ نہ ڪيٻايائين. سنڌي زبان تي کيس عبور هو. سندس دوستن ۾ رئيس ضياءَ الدين بلبل، ڀٽي سيتائي'>آخوند محمد موسيٰ ڀٽي سيتائي، احمد خان سيال، چنيسر جهتيال، عبدالعزيز ٻرڙو، خدا بخش خادم ۽ عبدالله همدم قابل ذڪر گهاٽا يار هئا. ميهڙ ۾ ٻيٽو روڊ تي سندس سبحان پرنٽنگ پريس ڪيترن عالمن اديبن ۽ شاعرن جي ڪچهرين جو مرڪز هئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘جواهرت اسلام’، ‘خدا جو تصور’، ‘دنيا جو باڪمال انسان’، ‘عالمگير انقلاب’، ‘محبت جا مهراڻ’، ‘امن ۽ انسانيت جو نظام’ شامل آهن، جڏهن تہ پنج ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس موجود هئا. چند سال اڳ پاڻ گذاري ويو آهي.
1930.01.04 عيسوي
مولانا عبدالغفار صابري ولد رئيس عطا محمد خان مهيسر ‘عطا’ تاريخ 4 جنوري 1930ع تي ڳوٺ سيد پير محمد شاهه تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو.