عبدالعلي قلباڻي

عبدالعلي قلباڻي

عبدالعلي قلباڻي

عبدالعلي قلباڻي: پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ولد فتح علي قلباڻي، 2 جون 1909ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم روهڙيءَ مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام مان، بي. اي ممبئي يونيورسٽيءَ مان ۽ بي. ٽي جي سند ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. عبدالعلي قلباڻي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 1949ع ۾ رٽائر ٿيو. پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، سنڌ جو هڪ مشھور معروف استاد، عالم ۽ شاعر هو. هن سڄي ڄمار گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ ٻين ڪاليجن ۾ سنڌيءَ جي پروفيسر طور گذاري ڇڏي. ڊاڪٽر سليمان شيخ هڪ مضمون ‘عبدالعلي قلباڻي’ ۾ لکي ٿو تہ: قلباڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق هو ۽ لطيف سائينءَ جو چڳ وڍيو مريد ۽ معتقد هو. سائين سنڌي پڙهائيندو هو، انهن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٻارن ۾ مقابلن جي ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هو ۽ قلباڻي صاحب تقرير جي فن تي تربيت ڏيندو هو. تقريرون ياد ڪرائيندو هو، سندس اها روايت هئي تہ تقرير ۾ ڪيئن بہ ڪري شاھہ لطيف جو ڪو نہ ڪو بيت ضرور شامل هجي، ان کانسواءِ قلباڻي صاحب هاسٽل جو انچارج بہ رهيو ۽ هاسٽل جي هر ڪمري ۾ وڃي سنڌي شاگردن کي ياد ڏياريندو هو تہ لطيفرح جي ڏهاڙي تي هلڻو آهي. شاھہ عبداللطيف جي حوالي سان پروفيسر قلباڻيءَ سوين مقالا لکيا ۽ ڪيترائي شاگرد سندس معتقد آهن. هن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري کي پنھنجي لائبرريءَ جا 1169 ڪتاب ۽ 897 رسالا تحفي طور ڏنا. جنهن کان پوءِ سندس نالي پويان سنڌالاجيءَ ۾ ‘عبدالعلي قلباڻي ڪارنر’ قائم ڪيو ويو. سنڌالاجيءَ ۾ موجود انهيءَ ڪارنر جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ‘شاھہ لطيف اڪيڊمي روهڙي ’ جون مهرون لڳل آهن. قلباڻي روهڙي ۾ شاھہ لطيف اڪيڊمي پروفيسر قلباڻيءَ قائم ڪئي هئي.
عبدالعلي قلباڻي، 9 مارچ 1988ع تي وفات ڪئي، کيس ڀٽ شاھہ ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن لاءِ هن اجازت وٺي ڇڏي هئي.


لفظ عبدالعلي قلباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.06.02  عيسوي

پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ولد فتح علي قلباڻي، 2 جون 1909ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1988.03.09  عيسوي

عبدالعلي قلباڻي، 9 مارچ 1988ع تي وفات ڪئي، کيس ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زورآور سنگهہ
حزب ﷲ ميمڻ شھيد
عـلـي اڪـبر خـان ٽالـپـر مير
ڀٽي نظام الدين
رتنا گوديا رولاڪ
سيد علي شاھہ شائق
چشتي حڪيم شمس الدين
داداڀائي ولي محمد
عمراڻي فضل محمد پروفيسر
آسر فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون