عبدالعلي قلباڻي

عبدالعلي قلباڻي

عبدالعلي قلباڻي

عبدالعلي قلباڻي: پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ولد فتح علي قلباڻي، 2 جون 1909ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم روهڙيءَ مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام مان، بي. اي ممبئي يونيورسٽيءَ مان ۽ بي. ٽي جي سند ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. عبدالعلي قلباڻي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 1949ع ۾ رٽائر ٿيو. پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، سنڌ جو هڪ مشھور معروف استاد، عالم ۽ شاعر هو. هن سڄي ڄمار گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ ٻين ڪاليجن ۾ سنڌيءَ جي پروفيسر طور گذاري ڇڏي. ڊاڪٽر سليمان شيخ هڪ مضمون ‘عبدالعلي قلباڻي’ ۾ لکي ٿو تہ: قلباڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق هو ۽ لطيف سائينءَ جو چڳ وڍيو مريد ۽ معتقد هو. سائين سنڌي پڙهائيندو هو، انهن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٻارن ۾ مقابلن جي ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هو ۽ قلباڻي صاحب تقرير جي فن تي تربيت ڏيندو هو. تقريرون ياد ڪرائيندو هو، سندس اها روايت هئي تہ تقرير ۾ ڪيئن بہ ڪري شاھہ لطيف جو ڪو نہ ڪو بيت ضرور شامل هجي، ان کانسواءِ قلباڻي صاحب هاسٽل جو انچارج بہ رهيو ۽ هاسٽل جي هر ڪمري ۾ وڃي سنڌي شاگردن کي ياد ڏياريندو هو تہ لطيفرح جي ڏهاڙي تي هلڻو آهي. شاھہ عبداللطيف جي حوالي سان پروفيسر قلباڻيءَ سوين مقالا لکيا ۽ ڪيترائي شاگرد سندس معتقد آهن. هن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري کي پنھنجي لائبرريءَ جا 1169 ڪتاب ۽ 897 رسالا تحفي طور ڏنا. جنهن کان پوءِ سندس نالي پويان سنڌالاجيءَ ۾ ‘عبدالعلي قلباڻي ڪارنر’ قائم ڪيو ويو. سنڌالاجيءَ ۾ موجود انهيءَ ڪارنر جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ‘شاھہ لطيف اڪيڊمي روهڙي ’ جون مهرون لڳل آهن. قلباڻي روهڙي ۾ شاھہ لطيف اڪيڊمي پروفيسر قلباڻيءَ قائم ڪئي هئي.
عبدالعلي قلباڻي، 9 مارچ 1988ع تي وفات ڪئي، کيس ڀٽ شاھہ ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن لاءِ هن اجازت وٺي ڇڏي هئي.


لفظ عبدالعلي قلباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.06.02  عيسوي

پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ولد فتح علي قلباڻي، 2 جون 1909ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1988.03.09  عيسوي

عبدالعلي قلباڻي، 9 مارچ 1988ع تي وفات ڪئي، کيس ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم جليس
در محمد خان
عطا محمد زوار
ڄام نظام الدين سمو
برجيٽ آلچن
راڻو هميرسنگهہ
حسرت موهاني مولانا
ضياء الدين برني 1
صارم همداني
شاھہ محمد شرنائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون