عبدالعليم صديقي قادري

عبدالعليم صديقي قادري: ناميارو مفڪر، عالم، تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن ۽ ليکڪ عبدالعليم صديقي، 3 اپريل 1892ع تي ميرٺ (يو. پي) ۾ جنم ورتو. سندس والد عبدالحڪيم صديقي پنھنجي دور جو مشھور عالم ۽ شاعر هو. سندس تخلص جوش هو. مولانا عبدالعليم صديقي سورنهن سالن جي ڄمار ۾ اسلاميہ قوميه ميرٺ مان درس نظاميءَ جي سند حاصل ڪئي. 1917ع ۾ بي. اي پاس ڪرڻ بعد اسلامي تبليغ ڏيڻ شروع ڪيائين. هن چاليھہ سالن تائين آفريڪا، آمريڪا، انڊونيشيا، انگلنڊ، ملايا، سنگاپور جا دورا ڪري اسلام جو پيغام پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجاھہ هزارن کان وڌيڪ ماڻهن اسلام قبوليو ۽ مسلمان ٿيا. ان کان سواءِ هن ڪيئي اسلامي ڪانفرنسون منعقد ڪيون، تبليغي تنظيمون، لائبرريون، ڪاليج ۽ بيشمار مسجدون قائم ڪيائين. 1951ع ۾ پوري دنيا جو سفر ڪيائين ۽ اسلام جي تبليغ ڪيائين. کيس انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. پاڪستان جو ناليوارو سياستدان ۽ مذهبي جماعت جمعيت العلماءَ جو مرڪزي صدر مولانا شاھہ احمد نوراني سندس پٽ هو. عبدالعليم صديقيءَ ڪيئي ڪتاب لکيا، جن ۾ ‘اسلام ڪي ابتدائي تعليمات’، ‘انساني مسائل ڪا حل’، ‘احڪام رمضان ’ ، ‘مرزائي حقيقت‘، ’اشتراڪيت ڪيا هي’، ‘ذڪر حبيب’، ‘ڪتاب تصوف’، ‘بھار شباب’ کان سواءِ انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب سندس لکيل آهن: (1) What is Islam, (2) The principles of Islam, (3) Quest for True Happiness?
هن 22 آگسٽ 1951ع ۾ مديني ۾ وفات ڪئي. کيس مديني جي قبرستان جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.04.03  عيسوي

عبدالعليم صديقي، 3 اپريل 1892ع تي ميرٺ (يو. پي) ۾ جنم ورتو.


1951.08.22  عيسوي

عبدالعليم صديقي 22 آگسٽ 1951ع ۾ مديني ۾ وفات ڪئي. کيس مديني جي قبرستان جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ ڪبير
علي شيرازي
عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو مولوي
عبدالباسط ٺٽوي شيخ
بابا صلاح الدين
مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي
احتشام الحق ٿانوي مولانا
ششرذ هندي
علامہ غلام صديق شهدادڪوٽي
حافظ رشيد خوشنويس
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون