عبدالصمد نورنگزادو مخدوم

عبدالصمد نورنگزادو، مخدوم: عالم، اديب، مترجم، ڪاتب ۽ پبلشر، مخدوم عبدالصمد نورنگزادي جي والد جو نالو حاجي محمد مقيم نورنگزادو هو. نورنگزاده اصل ۾ سومرن جو پاڙو آهي، جيڪي پنھنجي وڏي ڏاڏي مخدوم نورالله عرف مخدوم نورنگ جي نالي پٺيان نورنگزادا سڏائين ٿا. مخدوم نورنگزادو پنھنجي دور جو وڏو عالم ۽ درويش هو. مخدوم عبدالصمد ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول جو رهاڪو هو. کيس ميرپور بٺوري ۾ ڪتابن جو دڪان هو. جنهن ۾ هر موضوع تي وڪري لاءِ ڪتاب موجود هوندا هئا. هو سنڌ جو پهريون عوامي پبلشر هو، جنهن موجودہ صورتخطيءَ ۾ انگريز سرڪار جي اشاعتي سلسلي کانپوءِ عوامي سطح تي ميرپور بٺوري ۾ اشاعتي ادارو قائم ڪيو. پاڻ پنھنجي دور جو نهايت ئي قابل ڪاتب هو. سندس اکر تمام سھڻا هوندا هئا. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، ترجمو ڪيائين ۽ ڪتابت ڪيائين. انهن مان ڪيترن ئي ڪتابن کي بمبئي جي مختلف پريسن مان ذاتي خرچ تي ڇپرايائين. ڪجهہ ڪتاب ٻين پبلشرن ۽ ڪمپنين سان گڏجي شايع ڪرايائين.مخدوم عبدالصمد جي ڇپيل ڪتابن ۾ سرائط الحمع (تصنيفحڪايت عجيب (ترجمو) ۽ مفتاح الصلوات (ترجمو) شامل آهن. سندس اشاعتي اداري پاران هيٺيان ڪتاب ڇپيا: (1) شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مفلوضات ‘بيان العارفين’ جي نالي سان 1293ھہ 1876ع ۾ بمبئي جي مطبع مرغوب هرديار مان ڇپيو. (2) فقھ جي مسئلن تي ‘حض الاموال’ جي نالي سان علي اڪبر جو ڪتاب 1303ھہ/ 1885ع ۾ بمبئيءَ جي صفدري ڇاپخاني مان ڇپيو. (3) مخدوم عبدالله نرئي واري جو روزي، نماز ۽ شرعي مسئلن جي موضوع تي ڪتاب ‘نورالابصار’ جي نالي سان 1300ھہ/ 1882ع ۾ نورالدين بن جيوا خان سان گڏجي بمبئيءَ جي حيدري پريس مان ڇپايو. (4) مخدوم عبدالصمد نماز جي مسئلن تي ‘حڪايت عجيب’ جي نالي سان ترجمو ڪري 1303ھہ 1886ع ۾ بمبئيءَ جي صفدري ڇاپخاني مان ڇپايو. (5) مخدوم عبدالصمد جو پنهنجو لکيل ڪتاب ‘سرائط الحمع’ جي نالي سان 1303ھہ/ 1886ع ۾ بمبئيءَ جي صفدري ڇاپخاني مان ڇپيو. (6) مخدوم عبدالصمد جو فارسيءَ مان ترجمو ڪيل ڪتاب ‘مفتاح الصلوات’ جمناداس ڀڳوانداس سان گڏجي 1303ھہ/ 1886ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو. مخدوم عبدالصمد جي وفات جي سال ۽ مدفون جي معلومات نہ ملي سگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو