عبدالسميع دهلوي

عبدالسميع دهلوي: هند ۽ سنڌ جو پهريون ڪارٽونسٽ ۽ مصور، عبدالسميع دهلوي، 21 نومبر 1900ع ۾ هوٽسنگ آباد (اتر پرديش، ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. هن 1923ع ۾ جي. جي. اسڪول آف آرٽس بمبئي مان مصوريءَ ۾ ڊپلوما ڪئي، جنهن بعد مولانا محمد علي جوهر پاران نڪرندڙ اخبارن ‘ڪامريڊ’ ۽ ‘همدرد’ ۾ بطور ڪارٽونسٽ عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ بيشمار اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪارٽون ۽ ڪيري ڪيچرز ۽ لاتعداد ڪتابن جا سرورق ڊزائن ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جتي روزاني جنگ، ڊان ۽ امروز لاءِ ڪارٽون ٺاهيندو هو. هن چانور جي داڻي تي پاڪستان جي جهنڊي جي تصوير ٺاهي ۽ قائداعظم جو نالو لکي کيس ڏنو هو. هن 3 آڪٽوبر 1967ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.11.21  عيسوي

عبدالسميع دهلوي، 21 نومبر 1900ع ۾ هوٽسنگ آباد (اتر پرديش، ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.


1967.10.03  عيسوي

عبدالسميع دهلوي 3 آڪٽوبر 1967ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفقت حسين وڌو
قاضي خضر حيات
علي اڪبر سومرو
ظفر ڪاظمي
خلجي نعمت
دارا عالم ابڙو
قاضي خضرحيات
صادقين احمد نقوي سيد
رشيد علي وارثي
پنجو مل رگهواڻي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون