عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿھيم : نامياري سياستدان عبدالسلام ولد حاجي گل محمد ٿهيم، پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿھيم (شھدادپور) ۾ جنم ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين، 1968ع کان هن سياست ۾ پير پاتو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سندس پراڻو ناتو رهيو. شروعات ۾ پ. پ جو تعلقي صدر ۽ پوءِ ضلعي سانگهڙ جو صدر بڻيو، جڏهن تہ پ. پ- سنڌ جو رابطہ سيڪريٽري بہ رهيو. عبدالسلام ٿھيم 1988ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو، جنهن بعد ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جو وزير مقرر ٿيو؛ 1990ع واري چونڊ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو؛ 1993ع واري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيو، جنهن بعد کيس سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ڪيو ويو؛ 1996ع ۾ جهنگلي جيوَت کاتي جو وزير ٿيو؛ 1997ع واري چونڊ ۾ سرسي حاصل نہ ٿيس، جڏهن تہ 2008ع واري چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس سنڌ جي ”ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيءَ“ جي وزارت جو قلمدان مليو. نوٽ: عبدالسلام ٿھيم 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.01  عيسوي

عبدالسلام ٿهيم پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم شهدادپور ۾ جنم ورتو


2012.04.22  عيسوي

عبدالسلام ٿهيم 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاحظ
حسين حقاني
بقراط
چانڊيو نواب شبير احمد خان
ڇٽو فقير ڪوريجو
دلمراد جمالي
بچل شاھہ مياڻيءَ وارو
ابوالفضل نور احمد سنڌي
ڄام سَپڙُ
تسليم دارا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون