عبدالستار قادري نقشبندي: نامور عالم، بزرگ حافظ عبدالستار قادري ولد واحد بخش سومرو، 26 مارچ 1915ع تي ڳوٺ دودي مهر، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. سندس پالنا چاچي ميان موليڏني ڪئي. کيس ديني تعليم لاءِ ڳوٺ شير محمد مشوري مدرسي جي استاد خير محمد مشوريءَ وٽ ويهاريو ويو. جتان قرآن شريف حفظ ڪيائين. عربي، فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري پير خواجہ عبدالرحمان جي هٿ تي بيعت ڪري قادري سلسلي سان سلهاڙجي ويو. هن پير عبدالرحمان جي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي درس تدريس جو ڪم شروع ڪيو. بعد ۾ جروار شھر ۾ آرو مشين ٺيڪي تي وٺي پاڻ هلائڻ لڳو. عبدالستار جهنگاڻ بوزدار ۾ مدرسو کولي شاگردن کي ديني تعليم بہ ڏني. اتي هڪ مسجد بہ ٺهرايائين. عبدالستار قادري مسجد منزل گاھہ واقعي ۾ 1939ع ڌاري پير عبدالرحمان جي حڪم تي هزارين مسلمانن جو منتظم مقرر ٿيو ۽ ذميواريون نڀايون. هي پير پاڳاري سڪندر علي شاھہ مردارن جو همعصر هو ۽ ساڻس ويجها تعلقات هئس. پير جي ڳوٺ درگاھہ مان فارغ التحصيل ٿيندڙ شاگردن کي هر سال 27 رجب تي ٿيندڙ مجلس ۾ دستار جو پهريون ور عبدالستار کان ڏياريو ويندو هو. هن هميشہ سادگي، عجز ۽ انڪساريءَ واري زندگي گذاري. هيءُ روزي، نماز، زڪوات جو پابند هو. سندس مدرسي ۾ هميشہ لنگر جاري رهندو هو. هن 3 ربيع الـثاني 1423ھہ مطابق 26 مئي 2002ع تي وفات ڪئي.
1915.03.26 عيسوي
عبدالستار قادري ولد واحد بخش سومرو، 26 مارچ 1915ع تي ڳوٺ دودي مهر، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.
2002.05.26 عيسوي
عبدالستار قادري 3 ربيع الـثاني 1423هه مطابق 26 مئي 2002ع تي وفات ڪئي.