عبدالستار خان نيازي

عبدالستار خان نيازي

عبدالستار خان نيازي

عبدالستار خان نيازي: مشھور عالم دين ۽ تحريڪ پاڪستان جي صفِ اول جو قائد مولانا خان نيازي'>عبدالستار خان نيازي 1915ع ڌاري ڄائو ۽ عيسى خيل مان مئٽرڪ پاس ڪري لاهور اچي علامہ اقبال جي جاري ڪيل اشاعت اسلام ڪاليج ۾ داخل ٿيو. جتي هن قرآن، حديث، فقه، سيرت نبوي صه، تاريخ، مذهبن جي تقابلي مطالعي، اسلامي تھذيب ۽ تمدن ۽ اسلامي تحريڪن سان لاڳاپيل ٻن سالن جي نصاب جي تڪميل ڪري شاعرِ مشرق علامہ اقبال کان سند حاصل ڪيائين. 1938ع ۾ اسلاميہ ڪاليج لاهور مان بي.اي ۽ 1940ع ۾ ايم.اي ڪيائين. ان کانپوءِ هو ڪيترائي سال اسلام ڪاليج لاهور ۾ پڙهائيندو رهيو. 1946ع ۾ جڏهن قائداعظم انگريزن جي خلاف ‘سڌو سنئون قدم کڻڻ’ جو فيصلو ڪيو تہ خان نيازي'>عبدالستار خان نيازي ڪاليج کي ڇڏي پاڪستان جي تحريڪ ۾ مڪمل طرح سان سلهاڙجي ويو. توڙي جو پاڻ طالب علميءَ واري دور ۾ بہ تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو هو. مولانا صاحب پنجاب اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي بانيڪارن مان هو. 1943ع ۾ ضلعي ميانوالي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. 1946ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ميانواليءَ مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم.ايل.اي چونڊيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1951ع ۾ ٻيو ڀيرو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1953ع ۾ تحريڪ ختم نبوت ۾ اڳواڻن وارو ڪردار ادا ڪيائين، جنهن سبب گرفتار ٿيو. خصوصي فوجي عدالت کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. ست ڏينهن اٺ راتيون ڦاسيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ رهيو. 14 مئي تي سندس ڦاسي واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ٿي. 1955ع ۾ کيس باعزت آزاد ڪيو ويو. پاڻ 1975ع کان جميعت العلماءِ پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ مرڪزي صدر رهيو. مولانا خان نيازي'>عبدالستار خان نيازي 1988ع کان 1990ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بہ رهيو. هو وفاقي وزير مذهبي امور ۽ سينيٽر بہ رهيو. هن 2 مئي 2001ع تي ميانواليءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالستار خان نيازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2001.05.02  عيسوي

مولانا عبدالستار خان نيازي 1915ع ڌاري ڄائو.هن 2 مئي 2001ع تي ميانواليءَ ۾ وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد خضري مولانا
حافظ محمد 1
دراني جھان خان مولانا
حسن شاھہ جيلاني
آريجو غلام محمد
پنگل
عبدالله قاضي
حافظ سخي محمد مهراڻ
در محمد نوناري مولانا
اصطخرِي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون