عبدالستار بلوچ

عبدالستار بلوچ

عبدالستار بلوچ

عبدالستار بلوچ: نامور اديب تعليمدان ۽ لغت ساز، پروفيسر عبدالستار بلوچ، پهرين نومبر 1947ع تي صاحبداد ڳوٺ، ملير ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ صاحبداد جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان 1964ع ۾ 1969ع ۾ گريجوئيشن، 1971ع ۾ سياسيات ۾ ايم. اي ۽ 1977ع ۾ جنرل هسٽريءَ ۾ ايم. اي ڪئي. ان کان سواءِ 1973ع ۾ بي. ايڊ ۽ 1975ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. عبدالستار پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ۾ اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. بعد ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال رهيو. ان کان سواءِ هيءُ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ ملير جو پرنسپال ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي رهيو. 2007ع ۾ رٽائر ڪيائين. عبدالستار بلوچ جو لغت تي تمام وڏو ڪم ٿيل آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘سنڌيڪا لغت’ (سنڌي)، ‘اردو- سنڌي لغت’ ۽ ‘ماڻڪ موتي سنڌ جا’ قابل ذڪر آهن.


لفظ عبدالستار بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.01  عيسوي

پروفيسر عبدالستار بلوچ، پهرين نومبر 1947ع تي صاحبداد ڳوٺ، ملير ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديق سالڪ برگيڊيئر
خواجہ ذوالفقار
سلطان حيدر مرزا
آفتاب احمد ميمڻ
رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
حجاب امتياز علي
غلام محمد بلو
رُڪمڻي سندر چئناڻي
گوبند پنجابي
شوڪت صديقي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون