ڊاڪٽرعبدالرزاق گهانگهرو

ڊاڪٽرعبدالرزاق گهانگهرو

عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر

عبدالرزاق گهانگهرو، ڊاڪٽر: مشھور تعليمدان ۽ مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرزاق ولد محمد آچر گهانگهرو 05 فيبروري 1959ع تي ڳوٺ ڄام نور الله، لڳ ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم هاءِ اسڪول ڪنڊياري ۽ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھہ (موجودہ ضلعي شھيد بينظير آباد) مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ بي. اي گورنمينٽ مھراڻ ڪاليج موري مان 1980ع ۾ ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1982ع ۾ ڪئي. 1984ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۽ پوءِ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھہ/ شھيد بينظير آباد ۾ 1985ع کان 1991ع تائين ليڪچرر رهيو. 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي عربي شعبي مان ڊاڪٽر مدد علي قادري جي نگرانيءَ ۾ ’سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جا ترجما ۽ تفسير‘ جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ جي سَند حاصل ڪئي. 1992ع ۾مھراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري ۾ ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر، پروفيسر ۽ 2019ع ۾ شعبي جي سربراھہ جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. ان دوران مھراڻ يونيورسٽي جي تدريسي ڪائونسل ۽ سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري جي سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب ۽ اسلامي علوم جھڙوڪ: قرآن جا ترجما ۽ تفسير ۽ سيرة طيبہ سان دلچسپي رهي آهي. سنڌ جي عالمن جي تصنيف ڪيل مخطوطن ۽ مختلف موضوعن تي لکيل سندس تحقيقي مضمون ۽ مقالا سنڌي، اردو، انگريزي جي مشھور رسالن؛ ٽماھي ’مھراڻ‘، ماهوار ’نئين زندگي‘، ’پيغام‘، ’السنڌ‘، اسلامي يونيورسٽي بھاولپور جي شعبي اسلاميات طرفان شايع ٿيندڙ ٽماھي رسالي ’علوم اسلاميہ‘، سنڌ يونيورسٽي جي شعبي اسلامڪ ڪلچر طرفان شايع ٿيندڙ رسالي ’Peace‘، همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي رسالي ‘Islamicus’ ۽ انجمن اسلاميہ اساتذہ اسلاميہ ڪراچي جي شايع ٿيندڙ رسالي ’علوم اسلاميہ‘ ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس ڇپيل تصنيفن ۾: ’تذڪير المومنين في تفسير سورة ياسين‘ (ترتيب-1992ع)، ’قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ تفسير‘ (1997ع)، ’اسلام جو عقلي مطالعو‘ (ترجمو)، ’فضائل صدقات‘ ترجمو (2020ع) ۽ ’نوشھرو فيروز- اوائلي گريجوئيٽ‘ (2023ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.02.05  عيسوي

مشھور تعليمدان ۽ مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرزاق ولد محمد آچر گهانگهرو 05 فيبروري 1959ع تي ڳوٺ ڄام نور الله، لڳ ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قمر شھباز
جت علي فقير
شھاب الدين جيلاني قادري
پرڀداس برهمچاري
انور اقبال بلوچ
هري لال ڀاڳيا
شيخ موسيٰ آهيداڻي
فھيم نوناري
پيرل پياسي
بکر فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون