ڊاڪٽرعبدالرزاق ميمڻ

ڊاڪٽرعبدالرزاق ميمڻ

عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر

عبدالرزاق ميمڻ، ڊاڪٽر: سياسي، سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ ولد حافظ محمد يوسف ميمڻ، 26 آگسٽ 1962ع تي مٽياري شھر ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم مٽياريءَ مان حاصل ڪري، 1981ع ۾ ايل ايم سي ڄام شوري ۾ داخل ٿيو. جتان 1988ع ۾ ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان دور ۾ ئي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. پهرين جساف جو قائم مقام جنرل سيڪريٽري رهيو. ان کان پوءِ ٻين سياسي تنظيمن سان واسطو رکڻ شروع ڪيائين. پاڻ مٽياري شھر جي شاھہ لطيف لائبريري جو باني ميمبر ۽ اداري جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو. ان کانسواءِ هن ارشاد ميمڻ سان گڏجي ادبي سرگرمين ۾ بہ بھرو ورتو ۽ هڪ ادبي ادارو ‘سوجهرو پبليڪيشن’ جي نالي ۾ قائم ڪيو هئائين، جنهن پاران چار ڪتاب: ‘سرمائيداري ۽ سوشلزم’ (ترجمو: ڊاڪٽر عبدالرزاق)، ‘سنڌ جا سور’ (فقير محمد لاشاري جا لکيل ايڊيٽوريل ۽ مضمون)، ‘سنڌڙي منهنجي سورن ۾’ (مرتب ڊاڪٽر عبدالرزاق)، ‘ڇا سنڌي ريڊ انڊين ٿي ويندا’ (غلام نبي مغل جا مضمون) شايع ڪرايائين. ڊاڪٽر عبدالرزاق، مٽياري شھر جي ‘شاھہ لطيف سوشل ويلفيئر’ اداري جو چيئرمين ۽ جنرل سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي. پاڻ هن وقت سنڌ جي سياسي جماعت فنڪشنل ليگ جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.08.26  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ ولد حافظ محمد يوسف ميمڻ، 26 آگسٽ 1962ع تي مٽياري شهر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثريا ملتانيڪر
چنا هارون
سونت مرلن ووز Marilyn Vos Savant
تاج حيدر
عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ
اين بي بٽاڻي
سوامي شانتي پرڪاش
عبدالمجيد نظاماڻي
سيد عبدالوهاب شاھہ جيلاني
ڀاڳو ڀانُ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون