عبدالرزاق قريشي

عبدالرزاق قريشي: اديب ۽ صحافي عبدالرزاق قريشيءَ 29 مارچ 1929ع تي جيڪب آباد ۾ عبدالوهاب قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪيائين. مختلف نوڪرين ۾ رهيو. تپيدار، پوليس سپاهي ۽ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏنائين. کيس شاگردي واري دور کان ادب سان لڳاءُ هو. 1972ع ۾ جيڪب آباد مان ’البرق‘ نالي اخبار جاري ڪيائين. جنهن سان گڏوگڏ رزاق اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس پڻ قائم ڪيائين، جتان ڪيتري ئي عرصي تائين صحافتي خدمتون انجام ڏيندو رهيو. سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو. 1993ع ۾ پ پ جيڪب آباد شھر لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. مختلف موضوعن تي تحريري ڪم ڪيائين. عبدالرزاق قريشيءَ جا ٽي ڪتاب ’ ڏاهريت جو خاتمو‘، ’مشاهير جيڪب آباد‘ ۽ ’جيڪب آباد جي جوڙجڪ‘ شايع ٿيل آهن. آخر ۾ وڏيءَ عمر سبب سموريون سرگرميون ختم ڪري ڪتابن جو دڪان کولي زندگي گذاري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.29  عيسوي

عبدالرزاق قريشيءَ 29 مارچ 1929ع تي جيڪب آباد ۾ عبدالوهاب قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بادل جمالي
عبدالجبار عاجز منگي
شھيد سومرو
انيس گل عباسي
شان الحق حقي
عبدالحليم شرر
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
غلام حسين ٻگهيو
صبيحا نذير مگسي
ڪاشف حسين سومرو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون