عبدالرزاق قريشي

عبدالرزاق قريشي: اديب ۽ صحافي عبدالرزاق قريشيءَ 29 مارچ 1929ع تي جيڪب آباد ۾ عبدالوهاب قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪيائين. مختلف نوڪرين ۾ رهيو. تپيدار، پوليس سپاهي ۽ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏنائين. کيس شاگردي واري دور کان ادب سان لڳاءُ هو. 1972ع ۾ جيڪب آباد مان ’البرق‘ نالي اخبار جاري ڪيائين. جنهن سان گڏوگڏ رزاق اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس پڻ قائم ڪيائين، جتان ڪيتري ئي عرصي تائين صحافتي خدمتون انجام ڏيندو رهيو. سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو. 1993ع ۾ پ پ جيڪب آباد شھر لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. مختلف موضوعن تي تحريري ڪم ڪيائين. عبدالرزاق قريشيءَ جا ٽي ڪتاب ’ ڏاهريت جو خاتمو‘، ’مشاهير جيڪب آباد‘ ۽ ’جيڪب آباد جي جوڙجڪ‘ شايع ٿيل آهن. آخر ۾ وڏيءَ عمر سبب سموريون سرگرميون ختم ڪري ڪتابن جو دڪان کولي زندگي گذاري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.29  عيسوي

عبدالرزاق قريشيءَ 29 مارچ 1929ع تي جيڪب آباد ۾ عبدالوهاب قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرئوف عروج
رسول بخش تميمي
پريتم ورياڻي
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
ديوي ناگراڻي
غلام حسين ٻگهيو
رعنا شفيق
پروين موسيٰ ميمڻ ڊاڪٽر
پنجواڻي رام پروفيسر
حڪيم محمد يعقوب قاضي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون