عبدالرحمان مهيسر

عبدالرحمان مهيسر: سنڌ جو هي ناميارو سگهڙ 1 نومبر 1945ع تي حافظ محمد صالح جي گهر ڄائو. سندس ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڳوٺ رفيق مهيسر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن شروعاتي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. هن ناظره قرآن شريف ۽ پنج پاره حفظ ڪيا. انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. سگهڙائپ ۾ سندس پهريون استاد سنڌ جو مشھور سگهڙ حاجي فقير مهيسر هو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان ڪيترائي پروگرام ڪيائين. ان کانسواءِ هن پي.ٽي.وي تي بہ سنڌي پروگرامن جھڙوڪ: سنڌ سينگار، ڪچهري، مهراڻ رنگ، اوطاق ۽ رس رهاڻ جهڙن مشھور پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري تمام گهڻي مڃتا ماڻي. هن پنھنجي ڪتاب ‘مهيسر جي مام’ ۾ حمد، نعت، بيت، ڪافيون، ان کانسواءِ ٽيھہ اکري ۾ نبي سڳوري صہ جي صفت، معجزو، آجيان جا بيت، ڏور، پرولي، ڏٺ، سرتيون، ڳجهارتون پڻ تمام سھڻي انداز ۾ لکيون آهن. هن جي فن جي بلندي جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ‘سنڌي هنر شاعري’ ۾ سندس بيت ڏنا آهن. کيس حياتيءَ ۾ ئي اعزازن سان نوازيو ويو. 1985ع ۾ لطيف ايوارڊ، 1994ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ٽنڊو آدم ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ کانسواءِ ٻيا کوڙ سارا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ ٽرافيون شامل آهن. سنڌ جي هن نامياري سگهڙ 2007ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالرحمان مهيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.01  عيسوي

عبدالرحمان مهيسر 1 نومبر 1945ع تي حافظ محمد صالح جي گهر ڄائو. سنڌ جي هن نامياري سگهڙ 2007ع ۾ وفات ڪئي.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرحمان مهيسر
محمد عمر چنو
ٽالپر شيخ
رحمت ﷲ لاشاري
تاج محمد هاليپوٽو
بابو پالاري
عبداللطيف لغاري
طالب لوهار
ديدار علي سيال
صديق بجلي سولنگي
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون