عبدالرحمان عرف بابا فتح محمد: مفتاح الصلوات جو ليکڪ، وقت جو وڏو عالم عبدالرحمان بن شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي، برهانپور ۾ سال 1000 ھہ/ 1591ع ڌاري ڄائو. شيخ عيسيٰ جندالله جي وفات وقت سندس عمر 31 يا 32 سال هئي. برهانپور ۾ شيخ عيسيٰ جندالله جيڪو اصل پاٽ جو صديقي هو، سو علم ۽ عمل ۾ نهايت اعليٰ درجو رکندو هو. سندس مدرسو برهانپور توڙي هند سنڌ ۾ مشھور هو. شيخ عبدالرحمان جي تعليم سندس والد جي نظر هيٺ ٿي. شيخ عيسيٰ جندالله سندس تعليم جي سلسلي ۾ هڪ ڪتاب ‘فتح محمدي’ لکيو هئائين. شيخ عيسيٰ جندالله جي وفات کان پوءِ شيخ عبدالرحمان خانقاھہ لڳ انهي مدرسي جو مهتمم ٿيو. هي 35 سال مدرسي جي اهتمام، درس تدريس سان گڏ تصنيف ۾ مشغول رهيو. کيس عام طور تي بابا فتح محمد ڪري سڏيندا هئا. هي هڪ ڀيرو پنھنجي اصل وطن پاٽ ۾ بہ آيو ۽ پنھنجي ڀائٽيي مخدوم محمد حسن قاريءَ کي پنهنجو لکيل ڪتاب ‘شرح موافق’ بہ ڏنو هئائين ۽ ان جي پوئين ورق تي پنهنجو شجرو بہ لکيو هئائين، جيڪو اڃا پاٽائي صديقين وٽ محفوظ آهي. هن پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ 35 سال مدرس جي حيثيت سان گذاريا. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ جي عالمن ۽ پاٽ جي مدرسي سان لاڳاپيل هو. اهڙو ذڪر هن پنھنجي ڪتاب ‘المڪتوب الحبيب’ ۾ ڪيو آهي. هن جي مشھور تصنيفن مان ڪجهہ هيٺ ڏجن ٿيون: (1) مفتاح الصلوات: هي اصل فارسيءَ ۾ آهي. شيخ عبدالرحمان جو لکيل آهي. جنهن ۾ بيتن ذريعي فقيهي مسئلا ٻڌايا ويا آهن. هن ڪتاب جا سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ترجما ٿي چڪا آهن. عالمن جو چوڻ آهي تہ مفتاح الصلوات جي ڪري ٿي. سنڌ ۾ حنفي فقھہ کي دوام مليو آهي. هي ڪتاب 150 قلمي صفحن تي منظوم صورت ۾ موجود آهي. هي ڪتاب نہ رڳو سنڌ، پر پوري برصغير ۾ مشھور آهي.(2) فتح المذاهب الاربعه، جيڪو سن 1050ھہ/ 1640ع ۾ لکيو ويو.(3) منهبات مفتاح: هي مفتاح الصلوات تي سندس ئي سمجهاڻين ۽ حاشين تي مشتمل آهي. (4) فتوح الا وارد: هي تصنيف بہ سنڌ جي مدرسن ۾ عام پڙهائي ويندي هئي، جنهن جو خلاصو سندس فرزند شھاب الدين 1726ع ۾ ‘خلاصھ الوارد’ جي نالي سان لکيو هو، جيڪو ڊويزنل لائبرري خيرپور جي مسودن واري شعبي ۾ موجود آهي. اصل فتوح الاوارد جو قلمي نسخو پير حسام الدين راشديءَ جي لائبرريءَ ۾ بہ موجود هو. (5) مهته الڪعبه: هي منطوم ڪتاب موسمن جي ڦيرڦار سبب پاڇن جي ننڍي وڏي ٿيڻ بابت آهي. شيخ عبدالرحمان عرف بابا فتح محمد فارسيءَ جو بہ سٺو شاعر هو. سندس ڪيتروئي ڪلام قلمي صورت ۾ موجود آهي. راشد برهانپوري، ليکڪ ‘برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ’ (اردو) ۾ بابا فتح محمد جي مثنويءَ جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻ ‘عيسوي’ تخلص اختيار ڪيو هئائين. کيس ٽن پٽن: شيخ شھاب الدين، شيخ حبيب ﷲ عرف شيخ رحيم، ۽ شيخ محمد عيسيٰ جو اولاد هو. پاڻ والد جو مدرسو ڇڏڻ کان پوءِ مديني منوره هليو ويو. جتي 16 سالن کان پوءِ 1080ھہ/ 1669ع ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪيائين. جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهي. (حوالو: تاريخ باب اسلام سنڌ، ڊاڪٽر حبيب الله، ص 259)