عبدالرحمان شهيد جي مسجد

عبدالرحمان شهيد جي مسجد

عبدالرحمان شھيد جي مسجد

عبدالرحمان شھيد جي مسجد: مخدوم عبدالرحمان شھيد جي دور جي هي مسجد سندس درگاھہ جي احاطي ۾ آهي. مسجد مستطيل رٿ ۾ رٿيل آهي. اڳيان ورانڊو اٿس، جنهن کي ونگن سان 7 لنگهہ آهن. نوڪدار ونگو پانيل ۾ بند ٿيل آهن. انهن جي مٿان هڪ هڪ مستطيل ٻُٽيل خانو ڇڏيل آهي. ان جي مٿان محراب نما ٻٽيل دريون آهن. ڪانس کان هيٺ ٻيگهڙ تي ڪاشيءَ جي سرن جو جنسار ٿيل آهي. تري کان چئن ئي ڪنڊن تي پيل پاوا نڪرن ٿا، جيڪي ٻيڙٻني وٽ پهچي مٿي مينار ٺاهين ٿا. اهي مينار چئن ئي ڪنڊن تي آهن. هر مينار جي مٿان گنبذڙو، ان جي مٿان نيل رکيل آهي. ٻيڙ ٻني تي بہ گنبذڙين ۽ انهن جي مٿان نيلن جو جنسار ٿيل آهي. گنبذ وچ تي ٺهيل آهي، جيڪو گول آهي. ان جي مٿان لالٽين نما اڏاوت ٺهيل آهي، جهڙي لاڙڪاڻي ۾ شاھہ بھاري جي مقبري تي ٺهيل آهي. هي وڙ سنڌ ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اها لالٽين نما اڏاوت ابتي ڪوڻيءَ جي گل جي مٿان رکيل آهي. چوٽيءَ تي ڪلسو ڏنل اٿس. سڄي مسجد اڇي چُن سان رڱيل آهي. مسجد جي حالت تمام سٺي آهي، جو وقت بہ وقت هن جي مرمت ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو