عبدالحڪيم عطا ٺٽوي: عبدالحڪيم عطا اٽڪل سن 1040ھہ/1630ع ڌاري (شاھجھان جي دور ۾ 1037ھہ/1628ع کان 1069ھہ/1666ع) ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ۽ وڏو ڀاءُ عالم، فاضل ۽ شاعر هئا. تعليم کان فارغ ٿيندي ئي عبدالحڪيم شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتو. سنڌ جو مانائتو تاريخدان ۽ تذڪره نگار مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”ٺٽي جي گورنر نواب مظفر خان (1063ھہ/1652ع-1069ھہ/1658ع) پنھنجي سرپرستيءَ ۾ هن جي شاعرانه ذوق جي آبياري ڪئي. عبدالحڪيم جي شاعريءَ جو آغاز 1060ھہ/1649ع ۾ ٿئي ٿو. هن پنھنجي ڪلام ۾ ”عطا“ تخلص ڪتب آندو. عبدالحڪيم ”عطا“ ڪلهوڙن جي دور ۾ 1140ھہ/1727ع ڌاري وفات ڪئي.
عبدالحڪيم ”عطا“ فارسي گو شاعر هو پر سندس ڪجهہ اردو شاعري بہ ملي ٿي. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو تہ: ”عطا جي شاعريءَ جا ٻہ ٽي ديوان ۽ ٽي مثنويون آهن.“ پر رڳو سندس ٻہ ڪتاب (1) ”هشت بھشت“ ۽ (2) ”ديوانِ عطا“ ملي سگهيا. سندس ڪلام جو مجموعو ”ديوان عطا“سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو، ان مجموعي ۾ ٽي سو غزل، اٽڪل هڪ سو رباعيون، ترجيح بند، مخمس ۽ 141 شعرن تي مشتمل هڪ ساقي نامو آهي. فارسي ٻوليءَ کان سواءِ عطا جو ڪجهہ ڪلام اردوءَ ۾ بہ مليو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هي نہ صرف فارسيءَ جو سٺو شاعر هو پر اردوءَ جو بہ چڱو شاعر هو. سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو عطا پهريون شاعر ليکيو وڃي ٿو. عطا ٺٽويءَ کي پنھنجي سخن سنجيءَ تي ناز هو. ڊاڪٽر وفا راشدي سندس شاعريءَ جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو تہ: ”هن فارسي ۽ اردو جي طرزِ سخن کي گهڻو ويجهو آندو. فارسي غزل وانگر اردو غزل ۾ بہ حسن ۽ عشق جو تاثر ملي ٿو.“
عطا ٺٽويءَ جي شاعري تاريخي لحاظ کان گهڻي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي تاريخي واقعا ۽ احوال قلمبند ٿيل آهن. عطا پنھنجي شاعريءَ ۾ ٺٽي جي حالت زار ۽ ٺٽي جي ماڻهن جي هجو بہ لکي آهي. حقيقت ۾ انهن نظمن ۾ عطا پنهنجو پاڻ کي مٿانهون سمجهندي ۽ پيش ڪندي، ٺٽي جي ماڻهن جي عظيم (سنڌي) ٻوليءَ تي طنز ڪئي آهي. سندس اهڙن نظمن مان ڪيني، بغض ۽ نفرت جو اظهار ٿئي ٿو. عطا ٺٽوي جي شاعريءَ ۾ حاڪمن کي مختلف مقصدن لاءِ سفارشون ڪيل آهن. حقيقت ۾ عطا سدائين درٻاري شاعر رهيو. سيد مطيع ﷲ راشد برهانپوري ”ديوان عطا“ جي مقدمي ۾ مير شير علي قانع جي حوالي سان لکي ٿو تہ: ”نواب مظفر خان، عطا ٺٽويءَ کي تربيت ڏئي سندس شاعريءَ ۽ سخنوريءَ جي ذوق کي پنھنجي سرپرستيءَ هيٺ وڌايو ۽ ويجهايو. يعني پليو ۽ اُسريو درٻاري ماحول ۾ هو. هن سدائين مغل حاڪمن ۽ انهن جي گورنرن کي خوش ڪرڻ لاءِ ثنا خواني ڪئي. اهڙي ثنا ڀري شاعري ڪندي هن ڪيترائي قصيدا لکيا. بھادر شاھہ جي تخت نشينيءَ کانپوءِ 1119ھہ/1707ع ۾ جڏهن نواب سعيد خان ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿي آيو تہ عطا هڪ ڊگهو فرياد (نظم) پيش ڪندي، هن جي آجيان ڪئي. مطلب تہ عطا جي غربت ۽ مسڪينيءَ يا ذهني غربت کيس درٻاري ۽ حاڪمن وٽ پاڻ وڻائيندڙ شاعر بڻايو هو. پر هن پنھنجي جنم واري شھر (ٺٽي) ۽ اتي جي ماڻهن سان بہ نہ نباهيندي، انهن جي خلاف نظم لکيا. اهڙيءَ ريت هن پنھنجي مهربانن کي خوش رکڻ لاءِ عظيم صوفي بزرگ شھيد شاھہ عنايت جي مخالفت ۾ شاعري ڪري، شاھہ شھيد سان نفرت ۽ ظالم حاڪمن جي حمايت ڪئي. ”ديوان عطا“ جو مرتب سيد محمد مطيع ﷲ راشد برهانپوري بہ پنھنجي مقدمي ۾ لکي ٿو تہ: ”عطا جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو تہ عطا، شاھہ عنايت جي خلاف اٿاريل پروپيگينڊا کان متاثر هو ۽ سندس مخالف هو. هڪ اردو غزل ۾ هن فقيرن جي فراغت سان حياتي گهارڻ تي طنز ڪندي، کين عنادي سڏيو آهي.“
1630.00.00 عيسوي
عبدالحڪيم عطا اٽڪل سن 1040هه/1630ع ڌاري ( شاهجهان جي دور ۾ 1037هه/1628ع کان 1069هه/1666ع ) ٺٽي ۾ پيدا ٿيو
1727.00.00 عيسوي
عبدالحڪيم ” عطا “ ڪلهوڙن جي دور ۾ 1140هه/1727ع ڌاري وفات ڪئي