عبدالحميد شھيد

عبدالحميد ‘شھيد’: شاعر عبدالحميد ولد محمد عمر ’اختر‘ هالائي 8 جنوري 1941ع ڌاري هالا ۾ ڄائو. هن تعليم ۾ بي. ڪام، ايم. اي (اڪنامڪس)، ايم. اي (اردو ادب)، ايل. ايل. بي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جون سندون حاصل ڪيون. هي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ‘شھيد’ استعمال ڪندو هو. هن جو والد اختر هالائي، چاچو مولوي مير محمد ‘مادح’، چاچو حڪيم احمد ‘شاڪر’ ۽ سندس مامو محمد يعقوب ‘مهمان’ پڻ شاعر هئا، جن جي صحبت ۾ رهي ڪري هن شاعري جي شروعات ڪئي. هن شاعري ۾ غزل، حمد، نعت، چوسٽا، گيت، نظم، وايون ۽ ڪافيون چيون آهن. هن جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو پڻ قابل ذڪر آهي، جيڪو ‘پيار جا پوپٽ’ ۽ ‘چاهت جا گلاب’ جي عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.08  عيسوي

عبدالحميد ولد محمد عمر ’اختر‘ هالائي 8 جنوري 1941ع ڌاري هالا ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد چانڊيو1
راز بلڙائي
دينپوري مولانا محمد عمر
انجم هالائي
سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر
رضوي سيد مظفر علي شاھہ
خانڻ چنجڻي
اصغر نديم سيد
سونو خان ملاح:
غلام مھدي شاھه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون