عبدالجبار عاجز منگي

عبدالجبار عاجز منگي

عبدالجبار عاجز منگي

عبدالجبار عاجز منگي: نامور اديب، استاد ۽ ٻارڙن جي ليکڪ عبدالجبار ولد غلام رسول منگي، 10 جنوري 1972ع تي ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پهرين کان اٺين تائين تعليم ڳوٺ ڇتي منگيءَ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان 1988ع ۾، انٽر گورنمينٽ سي. اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان 1990ع ۾، بي. اي گورنمينٽ شاھہ لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان 1992ع ۾ حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1990ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1990ع ڌاري ارباب عادل چوهاڻ جي صحبت ۾ ڪئي. سندس شاعري، مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس هڪ ڪتاب عشق جي اصلي ڳالھہ نہ ڪر (نياز مسرور بدويءَ سان گڏ) شايع ٿيل آهي. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ بھترين استاد اوارڊ (2016ع)، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور طرفان بھترين شاعر اوارڊ (2017ع) ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران يادگار شيلڊ (2018ع) قابل ذڪر آهن. عبدالجبار عاجز منگي، سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ۽ سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور سان سلهاڙيل آهي. هيءُ هن وقت گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوٽ اختر محمد شيخ شڪارپور ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.01.10  عيسوي

عبدالجبار ولد غلام رسول منگي، 10 جنوري 1972ع تي ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رزاق مھر
شيخ محمد اسماعيل
غلام حسين رنگريز
حميد ڀٽو
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
خالد چانڊيو
ناصر بلوچ
اسرار شام
خالد سنڌي
روي ٽيڪچنداڻي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون