عبدالباقي صديقي بکري: ميان عبدالباقي صديقي پنھنجي والد ميرڪ بايزيد ۽ مرزا شاھہ بيگ ارغون سان گڏ قنڌار مان سنڌ ۾ آيو ۽ سکر ۾ سڪونت پذير ٿيو. سکر کان حج لاءِ ويو، جتي شيخ نظام الدين جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. شيخ نظام الدين پنھنجي نياڻيءَ کي نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو وار مبارڪ تحفي ۾ ڏنو. اهو وار امه المومنين حضرت مسلمه رضي ﷲ عنه وٽ هو، جو پوءِ ڪنهن نموني استنبول پهتو هو. جتان شيخ نظام الدين پاڻ سان آندو هو. ميان عبدالباقي 952ھہ/1545ع ۾ اهو وار سکر آندو، گهڻي عرصي تائين مخفي رکيائين. سيد حيدر حقاني ۽ مخدوم عبدالملڪ کي وار مبارڪ جي خبر پئي تہ اُهي زيارت لاءِ ويا، جنهن بعد وار مبارڪ جي زيارت عام ٿيڻ لڳي. صديقي بکري'>عبدالباقي صديقي بکري مغل بادشاھہ جھانگير جي دور حڪومت ۽ بکر جي حاڪم، قاضي خان جي عھد ۾ 3 رمضان 1019ھہ/ 19 نومبر 1610 تي وفات ڪئي. سندس وفات تي قطعه تاريخ شاھہ محمد نالي هڪ شاعر چئي. جنهن جون پهريون ۽ آخري ٻہ ٻہ سٽون ڪتبي جي صورت ۾ روضي جي مهاڙي وٽ لڳل آهن، جنهن مان 1019ھہ تاريخ ملي ٿي.