عباس بن عبدالمطلب رضي ﷲ عنه

عباس بن عبدالمطلب رضي ﷲ عنه: حضرت عباس رضي ﷲ عنه جي ڪنيت ابوالفضل هئي. پاڻ حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو چاچو ۽ سندن والد سڳوري حضرت عبدالله رضي ﷲ عنه جو ماٽيلو (پيءُ طرفان) ڀاءُ هو. عرب جو مشھور عربي عباسي خاندان سندس پٽ عبدالله جي اولاد مان آهي. عباسي عھد جا مؤرخ سندس تمام گهڻي تعظيم ۽ تڪريم ڪن ٿا، انهيءَ ڪري ان جي زندگيءَ بابت گهڻي عقيدت جو اظهار ڪن ٿا. پاڻ واپار ڪندو هو ۽ پنھنجي ماٽيلي ڀاءُ ابو طالب کان وڌيڪ خوشحال هو. حضرت عباس رضي ﷲ عنه قدآور، رعبدار، عقلمند ۽ سھڻو جوان هو. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي نهايت عزت ڪندو هو. بنو هاشم جي لاچارن، غريبن ۽ محتاجن جي ماني، لٽي ڪپڙي ۽ ٻين ضرورتن جي پورائيءَ جي ذميواري هن پاڻ تي کڻي ڇڏي هئي. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ: پاڻ سدائين حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي حمايت ڪيائين. ان کان سواءِ عقبه واري ميڙ ۾ بہ حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جي پٺڀرائي ڪيائين. حضرت عباس رضي ﷲ عنه بدر واري جنگ ۾ قريشن طرفان وڙهندي مسلمانن هٿان قيدي ٿي پيو، پر پوءِ کيس ڇڏي ڏنو ويو. آخرڪار 8 هجري/ 630ع تي مڪي فتح ٿيڻ واري موقعي تي اسلام قبول ڪيائين. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن نهايت خوشيءَ سان سندس استقبال ڪيو ۽ مڪي شريف جي فتح کان پوءِ بہ سقايه (حج جي موقعي تي حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ پهچائڻ جي ڊيوٽي) جو موروثي منصب ان وٽ رهڻ ڏنائون. روايت آهي تہ: حضرت عباس رضي ﷲ عنه غزوه حنين ۾ نهايت بهادريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ پنھنجي حڪمت عمليءَ سان جنگ جو پاسو بدلائي ڇڏيائين. پاڻ پوءِ مديني شريف اچي رهيو ۽ تبوڪ جي جنگ ۾ مالي مدد ڪيائين. روايتن مطابق ان شام جي جنگين ۾ پڻ حصو ورتو هو. جڏهن حضرت عمر رضي ﷲ عنه مسجد نبويءَ کي وائکو ڪرڻ ٿي گهريو تہ حضرت عباس رضي ﷲ عنه انهيءَ مقصد لاءِ پنهنجو گهر حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جي حوالي ڪري ڇڏيو. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن خيبر جي اپت مان کيس ساليانو حصو ڏيندا هئا. حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جن جي شروعاتي خلافت جي صلاح مشورن ۾ بہ پاڻ شامل هو. حضرت عباس رضي ﷲ عنه جو وصال 86/ 88 سالن جي عمر ۾ 32 هجري / 652ع ڌاري ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو