عباس بن عبدالمطلب رضي ﷲ عنه: حضرت عباسرضه جي ڪنيت ابوالفضل هئي. پاڻ حضور نبي ڪريم صہ جن جو چاچو ۽ سندن والد سڳوري حضرت عبدالله رضہ جو ماٽيلو (پيءُ طرفان) ڀاءُ هو. عرب جو مشھور عربي عباسي خاندان سندس پٽ عبدالله جي اولاد مان آهي. عباسي عھد جا مؤرخ سندس تمام گهڻي تعظيم ۽ تڪريم ڪن ٿا، انهيءَ ڪري ان جي زندگيءَ بابت گهڻي عقيدت جو اظهار ڪن ٿا. پاڻ واپار ڪندو هو ۽ پنھنجي ماٽيلي ڀاءُ ابو طالب کان وڌيڪ خوشحال هو. حضرت عباس رضہ قدآور، رعبدار، عقلمند ۽ سھڻو جوان هو. پاڻ ڪريم صہ جن جي نهايت عزت ڪندو هو. بنو هاشم جي لاچارن، غريبن ۽ محتاجن جي ماني، لٽي ڪپڙي ۽ ٻين ضرورتن جي پورائيءَ جي ذميواري هن پاڻ تي کڻي ڇڏي هئي. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ: پاڻ سدائين حضور نبي ڪريم صہ جن جي حمايت ڪيائين. ان کان سواءِ عقبه واري ميڙ ۾ بہ حضور پاڪ صہ جي پٺڀرائي ڪيائين. حضرت عباس رضہ بدر واري جنگ ۾ قريشن طرفان وڙهندي مسلمانن هٿان قيدي ٿي پيو، پر پوءِ کيس ڇڏي ڏنو ويو. آخرڪار 8 هجري/ 630ع تي مڪي فتح ٿيڻ واري موقعي تي اسلام قبول ڪيائين. پاڻ ڪريم صہ جن نهايت خوشيءَ سان سندس استقبال ڪيو ۽ مڪي شريف جي فتح کان پوءِ بہ سقايه (حج جي موقعي تي حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ پهچائڻ جي ڊيوٽي) جو موروثي منصب ان وٽ رهڻ ڏنائون.
روايت آهي تہ: حضرت عباس رضہ غزوه حنين ۾ نهايت بهادريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ پنھنجي حڪمت عمليءَ سان جنگ جو پاسو بدلائي ڇڏيائين. پاڻ پوءِ مديني شريف اچي رهيو ۽ تبوڪ جي جنگ ۾ مالي مدد ڪيائين. روايتن مطابق ان شام جي جنگين ۾ پڻ حصو ورتو هو. جڏهن حضرت عمر رضہ مسجد نبويءَ کي وائکو ڪرڻ ٿي گهريو تہ حضرت عباس رضہ انهيءَ مقصد لاءِ پنهنجو گهر حضرت عمر فاروقرضه جي حوالي ڪري ڇڏيو. پاڻ ڪريم صہ جن خيبر جي اپت مان کيس ساليانو حصو ڏيندا هئا. حضرت عمر فاروق رضہ جن جي شروعاتي خلافت جي صلاح مشورن ۾ بہ پاڻ شامل هو. حضرت عباس رضہ جو وصال 86/ 88 سالن جي عمر ۾ 32 هجري / 652ع ڌاري ٿيو.