عام الحزن

عام الحُزن: يعني غم جو سال. حضور صلي عليہ وسلم جن جي اعلان نبوت جو ڏهون سال، جيڪو مخصوص حالتن ۽ واقعن پٽاندر ‘عام الحزن’ مشھور ٿي ويو. پاڻ ڪريم صہ جن شعب ابي طالب ۾ ٽن سالن جي بندش کانپوءِ جڏهن ٻاهر آيا تڏهن خيال اهو هو تہ هاڻي قريشن جي ظلمن جو سلسلو ڪجهہ گهٽبو ۽ اهي ڪجهہ نرمي ڪندا. ليڪن ٿورن ڏينهن کانپوءِ حضرت ابو طالب رضہ بيمار رهڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو تہ قريشن ابو طالب جي وفات بعد ميدان خالي ڏسي پاڻ ڪريم صہ جن کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ابو طالب جي وفات کان ٻہ مهينا پوءِ وري پاڻ ڪريم صہ جي گهرواري حضرت خديجة الڪبريٰ رضہ جو انتقال ٿي ويو. انهن ٻنهي سچن ۽ همدرد ساٿين جي وڇوڙي پاڻ ڪريم صہ جن کي گهڻو غمگين ڪيو. ان ڪري انهي سال کي ‘عام الحزن’ (غم جو سال) چيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو