عامر خان

عامر خان

عامر خان

عامر خان (اداڪار): بالي ووڊ انڊسٽري ۾ مسٽر پرفيڪشنسٽ جي نالي سان مشھور اداڪار، هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ گلوڪار عامر خان جو پورو نالو محمد عامر حسين خان آهي. سندس جنم 14 مارچ 1965ع تي ممبئي (هندستان) ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو طاهر حسين ۽ والدہ جو نالو زينت حسين آهي. هن ميٽرڪ بمبئي اسڪوٽش اسڪول مهيم مان ۽ اعليٰ ثانوي تعليم (انٽر) نرسي مونجي ڪاليج ممبئيءَ مان ورتي. عامر خان اسڪرين تي پهريون ڀيرو 1973ع ۾ سندس چـاچـي ناصـر حسيـن جـي هدايتڪاريءَ هيٺ ٺهندڙ فلم ‘يادون ڪي بارات’ ۾ ٻاراڻي ڪردار ۾ منظرعام تي آيو. اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن پنھنجي چاچي ناصر حسين وٽ هدايتڪاريءَ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. بحيثيت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هن جون ٻہ هندي فلمون: منزل- منزل (1984ع) ۽ زبردست (1985) هيون. مکيہ ڪردار ۾ سندس پهرين سپرهٽ فلم ‘قيامت سي قيامت تڪ’ هئي. سندس ٻين مشھور فلمن ۾ ‘راک’ (1989ع) ۽ ‘لوَ لوَ لوَ’ (1989ع) ۽ 1990ع ۾ پنج فلمون ‘اول نمبر’، ‘تم ميري هو’، ‘ديوانه مجهہ سا نهين’، ‘جواني زندھہ باد’ ۽ باڪس آفيس تي تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندڙ فلم ‘دل’ شامل هيون. 1991ع ۾ پوڄا ڀٽ سان گڏ سندس فلم ‘دل هي ڪي مانتا نهين’ رليز ٿي. ان کان سواءِ ترتيبوار ‘جو جيتا وهي سڪندر’ (1992)، ‘هم هين راهي پيار ڪَي’ (1993ع)، ‘رنگيلا’ ۽ ‘انداز اپنا اپنا’ (1995) شامل آهن. 1996ع ۾ ڪرشما ڪپور سان گڏ سندس فلم ‘راجا هندستاني’ سال جي ڪامياب فلم هئي. 1997ع ۾ اجي ديوگن، ڪاجول ۽ جوهي چاولا سان گڏ سندس مزاحيہ رومانوي فلم ‘عشق’ پڻ ريڪارڊ بزنس ڪيو. ساڳئي سال سندس فلم ‘غلام’ بہ رليز ٿي. 1999ع ۾ سندس ٽي فلمون: ‘سرفروش’، ‘ارٿ’ ۽ ‘ميلا’ رليز ٿيون. ‘ميلا’ فلم ۾سندس ساٿي اداڪار سندس ئي ڀاءُ فيصل خان پڻ هو.2001ع ۾ هن پنھنجي ذاتي پراڊڪشن ڪمپني ‘ Aamir Khan Production’ متعارف ڪرائي. بحيثيت پروڊيوسر سندس پهرين فلم هڪ تاريخي واقعي تي مشتمل فلم ‘لگان’ هئي. ان فلم کي ‘74هين اڪيڊمي اوارڊ’ طرفان Best Foreign Language Film، نيشنل فلم اوارڊ ۽ کيس ‘فلم فيئر بيسٽ ائڪٽر’ اوارڊ مليا. 2001ع ۾ هڪ ٻي فلم ‘دل چاهتا هي’ پڻ هِٽ ٿي. 2006ع ۾ ‘رنگ دي بسنتي’ ۽ ‘فنا’، 2007ع ۾ فلم ‘تاري زمين پر’ منظرعام تي آئي. بطور پروڊيوسر سندس ٽين فلم ‘جاني تو يا جاني نہ’ هئي. تاريخي ڪردار تي مشتمل سندس فلم ‘منگل پانڊي’ پڻ ڪامياب فلم ثابت ٿي. عامر خان اداڪاريءَ سان گڏ ٽيليويزن تي ميزباني پڻ ڪري چڪو آهي. اسٽار پلس تان نشر ٿيندڙ سندس پروگرام ‘ستيه ميو جئيتي’ پنھنجي نوعيت جو منفرد پروگرام هو. عامر خان ٻہ شاديون ڪيون آهن. سندس پهرين شادي اداڪارہ رينا دتا سان 1986ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس ٻن ٻارن جنيد ۽ اِره (ڌيءَ) جو اولاد آهي. 2002ع ۾ هن ۽ رينا وچ ۾ طلاق ٿيڻ بعد هن ٻي شادي 2005ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪرن راءِ سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ آزاد رائو خان آهي.
عامر خان بھترين اداڪار طور 26 نامزدگين مان هن وقت تائين 8 فلم فيئر اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي. ان کان علاوہ بالي ووڊ انڊسٽريءَ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ عيوض هندستاني سرڪار پاران پدم شري اعزاز (2003)، پدم ڀوشن (2010) ۽ مولانا آزاد نيشنل اردو يونيورسٽيءَ طرفان کيس ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ اعزازي ڊگريءَ سان نوازيو ويو آهي


لفظ عامر خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.14  عيسوي

مشهور اداڪار، هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ گلوڪار عامر خان جو پورو نالو محمد عامر حسين خان آهي. سندس جنم 14 مارچ 1965ع تي ممبئي (هندستان) ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو طاهر حسين ۽ والده جو نالو زينت حسين آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد شاھہ امروٽي مولانا
حمورابي
آلندي سيلويڊار
رئيس ضياءُ الدين ضيا
فريال ٽالپر
خليق الزمان مخدوم
اسراڻ غلام محمد خانبهادر
بيگم ممتاز راشدي
رسول بخش خان مغل
جاويد ٽاڪاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون