عاليه چنا

عاليه چنا

عاليه چنا

عاليه چنا: مشھور اداڪارہ عاليه چنا جو جنم 12 آگسٽ 1983ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. سندس والدہ شبيران چنا کيس شوبز جي دنيا ۾ آندو. سندس تعليم انٽر آهي. هن فن جي شروعات ٻاراڻن ڪردارن ڪرڻ سان ڪئي. هن 1990ع ۾ پي. ٽي. وي تان پيش ٿيندڙ ٻارن لاءِ پروگرام ‘روشن تارا’ ۾ حصو وٺي پنھنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. عاليه پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي هلندڙ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. سندس مشھور ڊرامن ۾ رواج، هر شخص ڪهاڻي آ، هار، بوبيز ڊرائنگ روم، هائوس نمبر D-70 قابل ذڪر آهن. هوءَ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ سنڌيءَ جا مختلف پروگرام ڪندي رهي ٿي ۽ ماءُ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عاليه چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.08.12  عيسوي

عاليه چنا جو جنم 12 آگسٽ 1983ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عمر شريف
سيٺ غلام حسين قاسم
حافظ عبدالرحيم
طاهر محمد نسياني مير
امانت علي خان
علي محمد ڀٽو
اظهار قاضي
اشعري
قاضي علي اڪبر درازي
قربان منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون