عالم چانڊيو

عالم چانڊيو: نامور حڪيم محمد عالم چانڊيو ولد اميد علي چانڊيو، 1901ع ڌاري ڳوٺ بُٺي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ديني تعليم مير محمد نورنگاڻيءَ کان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ طيبہ ڪاليج دهليءَ مان طب جي تعليم پرايائين. ڪجهہ وقت پنھنجي ڳوٺ ۾ مطب هلايائين. ڪجهہ وقت بعد لاڙڪاڻي ۾ دواخانو کوليائين، ۽ اتي ئي سڪونت پذير ٿيو. محمد عالم چانڊيو پنھنجي ڌنڌي ۾ نهايت ڪامياب رهيو. ان کان سواءِ سياست ۾ بہ حصو ورتائين. خلافت تحريڪ ۽ مسجد منزل گاھہ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سياسي طور مسلم ليگ سان وابستہ رهيو. ڪجهہ وقت لوڪلبورڊ جو ميمبر بہ رهيو. محمد عالم چانڊئي طب ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي. هن 22 نومبر 1972ع تي وفات ڪئي.


لفظ عالم چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو