عالم پناهه/ شهر پناهه

عالم پناهه/ شهر پناهه

عالم پناھہ شھر پناھہ

عالم پناھہ/ شھر پناھہ: عالم پناھہ يا شھر پناھہ جو مطلب پراڻي دؤر ۾ بادشاھہ پنھنجي مرڪزي شهرن جي چوڌاري مضبوط ڀتيون کڻائي شهرن کي محفوظ ڪندا هئا. سنڌ جي تاريخ مان خبر پوي ٿي تہ قديم دؤر کان وٺي سومرن، سمن ۽ ارغونن جي دؤر تائين سنڌ جي ڪنهن شھر کي عالم پناھہ ڪا نہ هئي، جڏهن 963ھہ/ 1556ع پورچوگيز ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان اول جي غير موجودگيءَ ۾ ٺٽي شھر تي حملو ڪري لٽي ڦري، خون خرابو ڪري ۽ ساڙي ويا. تڏهن ميرزا عيسيٰ کي شھر پناھہ ٺهرائڻ جو خيال آيو. هن شھر کي عالم پناھہ ڏياري، شھر کي محفوظ ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو