عالم لوهار

عالم لوهار

عالم لوهار

عالم لوهار: مشھور عوامي ڳائڻو عالم لوهار، پهرين مارڄ 1928ع تي اڇ، تعلقي کيريان، ضلعي گجرات، پنجاب پاڪستان ۾ ڄائو. پنجابي زبان جو عوامي ڳائڻو هو، جنهن عوامي گيت ‘جگني’ کي تمام گهڻو ڳايو ۽ ديسان ديس مشهوري ماڻي. سندس خاندان لوهارڪو ڌنڌو ڪندو هو ۽ آهي. عالم لوهار کي ننڍپڻ کان ئي پنجاب جي لوڪ گيتن سان انسيت هئي. هو انهن کي هلندي چلندي ڳائيندو ۽ جهونگاريندو وتندو هو. وڏو ٿي هن پنجابيءَ ۾ ڳائڻ جو نئون انداز شروع ڪيو، جنهن انداز کي ‘پنجابي وار’ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن انهيءَ انداز ۾ وارث شاھہ جي هير کي نهايت شاندار نموني ڳايو، جيڪو نہ رڳو پاڪستان، پر دنيا ۾ تمام مشھور ٿيو. هن وارث شاھہ جي هير تي گرامون فون رڪارڊ ڀرايا. اهڙي نموني هن پنجابي جي ٻين شاعرن کي نئين نموني سان عوام آڏو پيش ڪيو. هن ميلن ملاکڙن کان سواءِ عام ڪچهرين ۾ بہ هٿ ۾ چمٽو کڻي ڳائڻ شروع ڪيو تہ ڏکڻ ايشيا جو مشھور ڳائڻو تصور ڪيو وڃڻ لڳو. اهو ستر جي ڏهاڪي وارو زمانو هو. 1970ع ۾ هي پنهنجو فن کڻي دنيا جي مختلف حصن جھڙوڪ: برطانيا، ڪيناڊا، ناروي، آمريڪا، جرمني ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ مظاهرو ڪري داد ماڻيو. سندس ڳايل ڪلامن ۾ جگني، بول مٽي، مرزا صاحبان، وجان مريان بليا، سيف الملوڪ، دل والا دکڙا ۽ قلندر لعل شھباز جي ڌمال وغيرہ کي تمام گهڻي مقبوليت ملي. خاص طور تي چمٽي تي ڳايل سندس جگني گهڻو مشھور ٿي. عالم لوهار، 3 جولاءِ 1979ع ۾ هڪ ٽرڪ جي حادثي ۾ گذاري ويو. کيس لالا موسيٰ جي هڪ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان وقت جي صدر جنرل ضياءَ الحق کيس ‘پرائيڊ آف پرفارمينس’ جو اوارڊ ڏنو. سندس پٽ عارف لوهار سندس فن کڻي اڳتي وڌيو ۽ نالو ڪمائي رهيو آهي.


لفظ عالم لوهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.03.01  عيسوي

عالم لوهار، پهرين مارڄ 1928ع تي اڇ، تعلقي کيريان، ضلعي گجرات، پنجاب پاڪستان ۾ ڄائو.


1979.07.03  عيسوي

عالم لوهار 3 جولاءِ 1979ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير نجم علي
سيد سليمان شاھہ
شاھہ محمد شاھہ2
فقير عبدالغفور
عاشق نظاماڻي
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
استاد ھدو خان
شازيه خشڪ
چندر (ماسٽر چندر)
استاد ظفر علي خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون