سخيراڻي عادل

سخيراڻي عادل

عادل سخيراڻي

عادل سخيراڻي : شاعر ۽ سماجي ڪارڪن عادل سخيراڻيءَ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد خان سخيراڻي هو، سندس جنم 10 مارچ 1957ع تي دادو شھر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم دادوءَ ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ڪوٽڙيءَ هاءِ اسڪول مان ڪيائين ۽ انٽر ۽ بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1979ع ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. عادل سخيراڻي 1974ع ۾ ميونسپل ڪاميٽي دادوءَ ۾ جونئير ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ اتان استعيفا ڏئي سنڌ ايگريڪلچر سپلاءِ آرگنائيزيشن (ساسو) ۾ ڪلارڪ ۽ پوءِ آفيس اسسٽنٽ ٿيو. عادل سخيراڻي ابتدا کان وٺي سياسي، سماجي، ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1986ع کان 1988ع تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ دادوءَ جو ٻہ سال سيڪريٽري رهيو. هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا، جيڪي مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. سگا شاخ دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. ان کانسواءِ ايمپلائيز يونين حيدرآباد ڊويزن جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي چيئرمئن پڻ رهيو. سندس شاعري منظور سخيراڻيءَ سميت ڪيترن ئي نامور فنڪارن ڳائي آهي. عادل سخيراڻي، 23 مارچ 1992ع تي قاتلاڻي حملي ۾ شھيد ٿي ويو. مرڻ پڄاڻان سندس ٻہ ڪتاب: (1) ’نيڻ ٿڪجي پيا‘ (شاعري) ۽ (2) ’سنڌ جون رانديون‘ شايع ٿيا آهن. نامور اديبه ۽ شاعر، بينظير عادل سخيراڻي سندس ڌيءَ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.03.10  عيسوي

شاعر ۽ سماجي ڪارڪن عادل سخيراڻيءَ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد خان سخيراڻي هو، سندس جنم 10 مارچ 1957ع تي دادو شهر ۾ ٿيو.


1992.03.23  عيسوي

عادل سخيراڻي، 23 مارچ 1992ع تي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباسي نور محمد نور
راڄڙ ولي بخش
ڀاونداس ڀاون
زين العابدين ٺٽوي سيد
پٺاڻ محمد اڪرم
چانڊيو عاشق
مير حاجن مير
ادراڪي بيگلاري
شمشير الحيدري
اميد علي ڪلهوڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون