عاد

عاد (قوم): حضرت عود عليہ السلام جي قوم کي قوم ‘عاد’ چيو وڃي ٿو. هي قوم عرب جي قديم قبيلن ۽ سامي قوم جي اقتداري ماڻهن جو نالو آهي. عرب جا قديم رهاڪو عربستان مان نڪري شام، مصر ۽ بابل ڏانهن وڌيا ۽ اتي وڃي طاقتور حڪومتن جو بنياد وڌائون. قرآن مجيد ۾ انهن کي ‘عاد اولى’ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. ائين کڻي چئجي تہ عرب جي قديم قوم سام ۽ عاد اولى هڪ قوم جا ٻہ نالا آهن. عاد جو زمانو ٻہ هزار سال ق. م مڃيو وڃي ٿو. انهن جو مرڪز حضر موت (يمن جي مشرق ۾ هڪ قديم مملڪت ۽ هاڻي جنوبي يمن جو هڪ شھر) جو علائقو هو. اهي ماڻهو مذهبي طرح سان بتن جا پوڄاري هئا. تعالى انهن کي سچي دين ڏانهن آڻڻ ۽ سندس اصلاح ڪرڻ لاءِ حضرت هود عليہ السلام کي انهن ڏانهن پنهنجو پيغمبر ڪري موڪليو. مگر انهن جي موڪليل پيغمبر کي ڪوڙو سمجهيو ۽ ان جي ڪا بہ هدايت قبول نہ ڪيائون، جنهن سبب تعالى انهن تي پنهنجو عذاب نازل ڪيو. هڪ هفتي تائين انهن تي تيز ۽ طاقتور هوائن جو طوفان هليو ۽ انهن جا سمورا ڳوٺ هيٺ مٿي ٿي تباھہ ۽ برباد ٿي ويا.


لفظ عادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو