عاجز ڪريم پوري

عاجز ڪريم پوري

عاجز ڪريم پوري

عاجز ڪريم پوري: شاعر، اديب، استاد ۽ پبلشر عاجز ڪريم پوريءَ جو اصل نالو الھڏنو ولد محمد جمن شورو آهي. سندس جنم 12 آگسٽ 1954ع ڳوٺ ڪريم پور، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي اڪنامڪس آهي. 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. جتان ترقي ڪري ايڇ ايس ٽي طور رٽائر ڪيائين. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان آهي، پر نامور مزاحمتي شاعر سرويچ سجاوليءَ جي صحبت ۾ ادب طرف آيو. ڳوٺ جي نسبت سان تخلص ‘عاجز’ جي پويان ‘ڪريم پوري’ لڳائي، ان نالي سان لکڻ لڳو. سندس شاعري سنڌ جي مڙني ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪي آهي. هيءُ 1976ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دڙي سان سلهاڙيل رهيو، جنهن ۾ مختلف عهدن تي رهيو. هن 1980ع ڌاري ‘سنڌ ماڃر ادبي سنگت سجاول’ جو بنياد رکيو، جنهن جو پاڻ سرپرست بڻيو. هن ‘ماڃر پبليڪيشن ٺٽي’ جو پڻ بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪجهہ مخزن ڇپرايائين، جن ۾: ‘قوت جنين جون ڪَرڙيون’ (1980ع)، ‘سنڌو نمبر’، ‘لاڙ جو لال’ (1981ع) ۽ ‘ماڃر مخزن’ (مريم مجيدي نمبر: 1982ع) قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن طور سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 9 فبروري 2018ع تي مڃتا طور شيلڊ ملي آهي. پنھنجي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.12  عيسوي

عاجز ڪريم پوريءَ جو اصل نالو الهڏنو ولد محمد جمن شورو آهي. سندس جنم 12 آگسٽ 1954ع ڳوٺ ڪريم پور، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ ٿيو.


2018.02.09  عيسوي

عاجز ڪريم پوري کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 9 فبروري 2018ع تي مڃتا طور شيلڊ ڏني وئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر
گل محمد چنا
پلي معمور يوسفاڻي
انعام شيخ
غلام شبير پيراهين
جي ايم مهڪري ڊاڪٽر
ڄيٺواڻي هريڪانت
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
عبدالسلام چاچڙ
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون