
عابده پروين
عابدہ پروين: عابدہ پروين جو جنم لاڙڪاڻي شھر جي علي گوهر پاڙي جي هڪ راڳي گهراڻي ۾، 20 اپريل 1956ع تي ٿيو. سندس والد ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ ئي موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو ۽ پاڻ بہ هڪ سُريلو راڳي هو، سندس والدہ ممتاز بيگم بہ ڳائيندي هُئي. سندس مائٽ لاڙڪاڻي کان لڏپلاڻ ڪري مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪندا رهيا ۽ هو خيرپور، سکر، مٽياري ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ اچي رهيا. جتي 1972ع ۾ هڪ ميوزڪ پروگرام ۾ حيدرآباد ريڊيو جي ميوزڪ پروڊيوسر غلام حسين شيخ کيس ٻڌو ۽ ريڊيو تي ڳائڻ جي دعوت ڏني. هن موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا تہ پنھنجي والد کان ورتي، پر پوءِ لاڙڪاڻي ۾ استاد ميهر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. موسيقيء ۾ سندس رهبري اُن وقت جي ميوزڪ استادن: استاد محمد جُمن، استاد نياز حُسين،استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان ۽ ماسٽر محمد ابراهيم ڪئي ۽ ناميارو براڊڪاسٽر ﷲ بخش بُخاري بہ مٿس ڏاڍو مهربان هو. ٽنهي گڏجي سندس هر لحاظ کان تربيت ڪئي ۽ ان تربيت ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ شيخ غلام حُسين جو هو، جنهن سندس اُچار ۽ ادائگي سنوارڻ ۾ جتن ڪيا. سڀ کان پهرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ‘شوقيه ڳائيندڙ’ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ريڊيو تي پاڻ جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو هُئائين، اُن جا ٻول هئا: “تنھنجي زلف جي بند ڪمند وِڌا، زندان هزارين مان نہ رڳو” جنهن جو شاعر عبدالغفور مفتون همايوني هو، ان کان سواءِ هن صاحبڏني فاروقيءَ جو ڪلام پڻ رڪارڊ ڪيو، جنهن جا ٻول هُئا “من گهرئي مشتاق سان، جيئري جُدايون ڪيمَ ڪر”. هُوءَ ريڊيو وسيلي ٿورڙي ئي وقت ۾ تمام گهڻي مشھور ٿي وئي ۽ هُن جي پختگيءَ ۾ شيخ صاحب اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عابدہ کي ان جي منزل تائين رسايو. شيخ صاحب اڳتي هلي 1975ع ۾ عابدہ سان شادي ڪئي، جيڪا سندس ٻي گهرواري هُئي. بقول شيخ صاحب: “عابدہ اها پهرين سنڌي ڳائڻي آهي، جنهن ڳائڻ ۾ مرداڻو انداز رکيو آهي. عابدہ پهرين عورت ڳائڻي آهي، جنهن ۾ فني پُختگي آهي. هُن غزل ۽ ڪافيءَ جي گائڪيءَ جي فارميٽ کي ملايو آهي، اهو فارميٽ اڃا تائين ڪنهن بہ سنڌي ڳائڻي يا ڳائڻيءَ وٽ ناهي. تنهن کان سوا هُن کي اسٽيج ڪرافٽ يعني کيس اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڍنگ اچي ٿو. هوءَ جڏنهن ڳائيندي آهي تہ هر ٻُڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي تہ ڄڻ تہ عابدہ سندس لاءِ پئي ڳائي.”عابدہ جڏهن اسٽيج تي ڳائيندي هئي تہ شيخ غلام حسين کيس اشارن وسيلي هدايتون ڏيندو هو ۽ ڳائڻ کان پوءِ کيس خوبين ۽ خامين جو ٻڌائيندو هو ۽ سندس بهتريءَ لاءِ محنت ڪندو هو ۽ اڄ عابدہ وٽ جيڪو ڪجهہ آهي، اهو شيخ غلام حسين جو ڏنل آهي. عابده، ريڊيو تي گيت، غزل ۽ ڪافي ڳائڻ سان اڳتي هلي صوفي بزرگن جي ڪلام ڳائڻ تي ڌيان ڏنو ۽ درگاهن تي ڳائجندڙ ڪلامن کي ڳائڻ شروع ڪيائين. عابدہ پروين هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿي. هوءَ 1996ع ۾ پنھنجي مُڙس شيخ غلام حسين جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪراچي ڇڏي ٻارن سميت اسلام آباد هلي وئي. هن کي هڪ پُٽ سارنگ لطيف ۽ ٻہ نياڻيون سِنڌُو ۽ پرھہ آهن. سندس اولاد کي بہ فن سان دلچسپي آهي، سارنگ لطيف کي ڳائڻ ۽ نچڻ سان دلچسپي آهي ۽ هُن پنجن سالن جي ڄُمار ۾ هڪ تقريب ۾ نچي انعام حاصل ڪيو هو، جڏهن تہ سندس هڪ نياڻيءَ کي وري پينٽنگ ٺاهڻ سان دلچسپي آهي. عابدہ پروين اُها ڳائڻي آهي، جنهن جيڪو بہ نغمو ڳايو، اُهو مقبول ٿي ويو. سندس شاعريءَ جي چونڊ عُمدي ۽ ڌُنَ سُريلي هوندي آهي. عابدہ پروين گهڻي ڀاڱي صوفي بُزرگن کي ڳايو آهي انهن مان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي سڀني کان وڌيڪ ڳايو اٿس. ان کان سواءِ سچل سرمست، بلها شاھہ، بابا فريد، تاجل بيوس، شيخ اياز، استاد بخاري، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ڪيترن ئي صوفي ۽ نيم صوفي شاعرن کي بہ ڳايو اٿس. حيدرآباد ريڊيو تان شاھہ جي ڪجهه واين کي اُردو ترجمي سان بہ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ استاد مُحمد جُمن ۽ عابدہ پروين اردوءَ ۾، ثريا حيدرآباديءَ ترجمو ڪري ڳايو. سندس آواز ۾ حيدرآباد ريڊيو تي سنڌي ۽ سرائڪيءَ سان گڏ ڪيترا اُردو نغما بہ رڪارڊ ڪيا ويا هُئا. سندس اُردو نغمو، اُستاد نياز حُسين جي مُوسيقيءَ ۽ آرزو لکنَويءَ جي شاعريءَ ۾ ‘گُھنگُھرو باجي ڇنن ڇنن’ ڏاڍو مقبول ٿيو هو. عابدہ پروين کي مُلڪي سطح تي مڃرائڻ ۾ ٽيليويزن جو وڏو هٿ آهي. 1979ع ۾ پي ٽي وي تي ممتاز مرزا پروگرام ‘سنڌ سينگار’ ۾ کيس متعارف ڪرايو. پي ٽي وي تي سندس آواز ۾ 1986ع ۾ سُلطانه صديقي، سندس گهڙولي اُردو پروگرام ‘آواز و انداز’ لاءِ رڪارڊ ڪئي، تہ اُها مُلڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پُهچي وئي ۽ ٻيا جيڪي سندس آواز ۾ اُردو غزل نشر ٿيا، اُنهن مان خاص ڪري ناصر ڪاظميءَ جو سندس هي غزل سُڃاڻپ بڻجي ويو “جب سي توني مُجهي ديوانا بنا رکا هي”. هوءَ ڪيسٽن جي دنيا ۾ بہ مهان ڳائڻي بڻجي وئي، سرڪاري توڙي عوامي محفلن ۾ کيس گهُرائڻ اعزاز سمجهيو ويندو آهي. صوفي بُزرگن جي ميلن تي ڳائڻ کان سواءِ پاڻ حُڪومت جي ثقافت کاتي جي محفلن جو هڪ لازمي حصو بڻجي وئي. هن سنڌي فلم ‘ڌرتي لاهِ ڪُنوار’ جا اٺ نعما ڳايا. هن محمد يوسف سان گڏ دوگانا بہ ڳايا. سندس ڳايل نغمن جي شاعري امداد حسيني، عبدالڪريم گدائي ۽ شيخ اياز جي هئي. هن جڳ مشھور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاءِ بہ ڳايو هو. هوءَ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ بہ بھترين اُچارن سان ڳائي ٿي. سندس لفظن جي ادائگي چِٽي هُئڻ سان ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي جهومائي ۽ مست ڪري ڇڏيندي آهي. 2000ع ۾ آمريڪا جي شھر نيويارڪ جي هڪ پارڪ ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهو جڏهن عابدہ کي ٻُڌي رهيا هُئا تہ اتي ٻڌندي ٻڌندي انگريز اُٿي نچڻ لڳا ۽ مٿن وجداني ڪيفيت طاري ٿيڻ سبب اهي نچندي نچندي بيهوش ٿيڻ لڳا هئا. عابدہ دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ آمريڪا، انگلستان، فرانس، مراڪش، هالينڊ، جاپان، جرمني، ڪئناڊا، هندستان، تنزانيا سر فهرست آهن. کيس ڪيترائي مڃتا ايوارڊ بہ مليا آهن. ايستائين جو پاڻ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪري اعلان ڪيائين ته، هاڻي ‘شاھہ لطيف اوارڊ’ مون کي ڏيڻ بدران ٻين فنڪارن کي ڏنو وڃي تہ جيئن اُنهن جي بہ مڃتا ٿئي. کيس ٻين اوارڊن ۾ 1980ع ۾ ‘سچل سرمت اوارڊ’، 1980ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ‘سُھڻي اوارڊ’، 1982ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ‘پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ’ ۽ 2005ع ۾ ‘ستارہ امتياز’ شامل آهن. کيس ‘راڳ جي راڻي ’ ، ‘اُم ڪلثوم’ ۽ ‘مارئي’ جا لقب بہ مليا آهن. عابدہ پروين جا ڳايل ڪجهہ مشھور ڪلام هي آهن:
1.تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو (وفا پلي)
2.پرچن شال پنهوار (شاھہ لطيف)
3.گهنڊ کول ديدار وکائو (سچل سرمست)
4.يار دي گهڙولي (سچل سرمست)
5.روئندي عمر نڀائي (خواجہ غلام فريد)
6.ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان (سليمان فقير)
7.گهوم چرخڙا سائيان دا (ماڌو لال حسين)
8.مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ (امداد حسيني)
9.دامن لڳيان مولا (سينگار علي سليم)
10.هِن جنم هُن جنم (اسحاق تُنيو)
11.سُڻ بات برھہ دي ڪيهي (ڪافي)
12.سنڌ منهنجي امان (تاجل بيوس)
13.ڪٿي مھر علي، ڪٿي تيري ثنا (مھر علي شاھہ)
1956.04.20 عيسوي
عابده پروين جو جنم لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر پاڙي جي هڪ راڳي گھراڻي ۾، 20 اپريل 1956ع تي ٿيو.