ظهير مهدي

ظهير مهدي

ظھير مهدي

ظھير مهدي: ناميارو شاعر، موسيقار ۽ براڊڪاسٽر ظھير مهدي 1927ع ڌاري لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو افتخار مهدي هو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ۾ بطور پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪئي. کيس اردو ۽ عربي ٻولين تي عبور حاصل هو. 1974ع ۾ لاهور ۾ رٿيل ٻين اسلامي سربراھہ ڪانفرنس جي موقعي تي ترانو ’هم تا بہ ابد سعي و تغير ڪي ولي هين‘ سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي. ان کان علاوہ احمد راشدي جي آواز م ڳايل نغمو ’بندر روڊ سي ڪياماڙي، ميري چلي ري گهوڙا گاڙي‘ مشھور آهي، جيڪو ظھير مهدي جو لکيل ۽ ڪمپوز ڪيل آهي. ان کان سواءِ فيض احمد فيض جو لکيل مشھور نظم ’دشت تنھائي‘ جي موسيقي بہ هن ترتيب ڏني هئي. هي شاعري ۾ ’ضوڪليمي‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هن 5 اپريل 1988ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڪراچي ۾ آهي.


لفظ ظھير مهديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.04.05  عيسوي

ظهير مهدي 1927ع ڌاري لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.هن 5 اپريل 1988ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچي ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مرتضيٰ کوسو
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
جاگيراڻي اعتبار علي
ابراهيم شاھہ جتي ستي
آشا چاند
غلام حيدر سولنگي
پلي حاجي
حاجي خان محمد مڱريو
جاويد جبار
رقيه خانم سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون